21 پر عيسيٰ قسم ساڻ ڪاھن مقرر ٿيو، جڏھن خدا کيس چيو تہ”خداوند قسم کنيو آھي،جنھن کان ھو ڪڏھن ڪين ڦرندو تہ’تون ھميشہ جي لاءِ ڪاھن آھين.‘“
22 انھيءَ قسم جي ڪري عيسيٰ ھڪ بھتر عھد جو ضامن ٿيو.
23 پر اھي تہ گھڻا ئي ڪاھن مقرر ٿيا، انھيءَ ڪري جو موت کين قائم رھڻ نہ ٿي ڏنو.
24 مگر عيسيٰ جيئن تہ ھميشہ تائين جيئرو رھڻ وارو آھي، تنھنڪري سندس ڪاھني لازوال آھي.
25 انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِجو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.
26 سو اھڙي ئي سردار ڪاھن جي اسان کي گھرج ھئي جيڪو پاڪ، بيڏوھہ، بيعيب، گنھگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ بلند ڪيو ويو ھجي.
27 ٻين سردار ڪاھنن وانگر ھو انھيءَ ڳالھہ جو محتاج نہ ھجي جو ھر روز پھريائين پنھنجن گناھن ۽ پوءِ قوم جي گناھن واسطي قربانيون ڪري. ڇالاءِجو ھن سندن گناھن واسطي ھڪڙي ئي ڀيري ھميشہ جي قرباني ڪئي، جڏھن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.