عبرانين 8:1-6 SCLNT

1 انھن ڳالھين جو خاص مطلب ھي آھي تہ اسان جو ھڪڙو اھڙو سردار ڪاھن آھي، جيڪو آسمان تي قادرِمطلق جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺوآھي.

2 ھو انھيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو سچو مقدس خيمو آھي ۽ جنھن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آھي.

3 جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي.

4 سو جيڪڏھن ھو اڃا زمين تي ھجي ھا تہ ڪڏھن بہ ڪاھن نہ ٿئي ھا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو اڳي ئي موجود آھن جيڪي شريعت موجب نذرانا ٿا چاڙھين.

5 اھي جيڪا خدمت ھتي ڪن ٿا، سا آسماني شين جو رڳو نقل ۽ پاڇو آھي. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏھن کيس تاڪيد فرمايو ويو تہ”ڏس، ھر شيءِ انھيءَ نموني ٺاھجانءِ،جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو ھو.“

6 پر ھاڻي عيسيٰ کي انھن ڪاھنن کان ايتري قدر بھتر خدمت ملي آھي، جيتري قدر پراڻي عھد کان اھو عھد بھتر آھي جنھن جو ھو وچ وارو آھي. اھو عھد بھتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آھي.