عبرانين 8:3-9 SCLNT

3 جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي.

4 سو جيڪڏھن ھو اڃا زمين تي ھجي ھا تہ ڪڏھن بہ ڪاھن نہ ٿئي ھا، ڇالاءِ⁠جو اھڙا ماڻھو اڳي ئي موجود آھن جيڪي شريعت موجب نذرانا ٿا چاڙھين.

5 اھي جيڪا خدمت ھتي ڪن ٿا، سا آسماني شين جو رڳو نقل ۽ پاڇو آھي. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏھن کيس تاڪيد فرمايو ويو تہ”ڏس، ھر شيءِ انھيءَ نموني ٺاھجانءِ،جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو ھو.“

6 پر ھاڻي عيسيٰ کي انھن ڪاھنن کان ايتري قدر بھتر خدمت ملي آھي، جيتري قدر پراڻي عھد کان اھو عھد بھتر آھي جنھن جو ھو وچ وارو آھي. اھو عھد بھتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آھي.

7 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن اھو پھريون عھد بي⁠عيب ھجي ھا تہ ڪنھن ٻئي عھد جي ڳولا ئي نہ ڪرڻي پوي ھا.

8 پر خدا ماڻھن جا عيب ڏيکاري چوي ٿو تہ”ڏس، خداوند فرمائي ٿو تہ’اھي ڏينھن اچن ٿا،جڏھن آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان۽ يھوداہ جي گھراڻي سانھڪ نئون عھد ڪندس.

9 اھو انھيءَ عھد وانگر نہ ھوندو،جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سانانھيءَ ڏينھن ڪيو،جڏھن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِسندن ھٿ جھليو ھوم.‘خداوند فرمائي ٿو تہ’اھي منھنجي عھد تي قائم نہ رھيا،انھيءَ ڪري مون بہ انھن ڏانھنڌيان ڪونہ ڏنو.‘