4 سو جيڪڏھن ھو اڃا زمين تي ھجي ھا تہ ڪڏھن بہ ڪاھن نہ ٿئي ھا، ڇالاءِجو اھڙا ماڻھو اڳي ئي موجود آھن جيڪي شريعت موجب نذرانا ٿا چاڙھين.
5 اھي جيڪا خدمت ھتي ڪن ٿا، سا آسماني شين جو رڳو نقل ۽ پاڇو آھي. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏھن کيس تاڪيد فرمايو ويو تہ”ڏس، ھر شيءِ انھيءَ نموني ٺاھجانءِ،جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو ھو.“
6 پر ھاڻي عيسيٰ کي انھن ڪاھنن کان ايتري قدر بھتر خدمت ملي آھي، جيتري قدر پراڻي عھد کان اھو عھد بھتر آھي جنھن جو ھو وچ وارو آھي. اھو عھد بھتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آھي.
7 ڇالاءِجو جيڪڏھن اھو پھريون عھد بيعيب ھجي ھا تہ ڪنھن ٻئي عھد جي ڳولا ئي نہ ڪرڻي پوي ھا.
8 پر خدا ماڻھن جا عيب ڏيکاري چوي ٿو تہ”ڏس، خداوند فرمائي ٿو تہ’اھي ڏينھن اچن ٿا،جڏھن آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان۽ يھوداہ جي گھراڻي سانھڪ نئون عھد ڪندس.
9 اھو انھيءَ عھد وانگر نہ ھوندو،جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سانانھيءَ ڏينھن ڪيو،جڏھن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِسندن ھٿ جھليو ھوم.‘خداوند فرمائي ٿو تہ’اھي منھنجي عھد تي قائم نہ رھيا،انھيءَ ڪري مون بہ انھن ڏانھنڌيان ڪونہ ڏنو.‘
10 وري خداوند فرمائي ٿو تہ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سانانھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس،سو اھو آھي تہآءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس،۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس.آءٌ سندن خدا ٿيندس،۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا.