9 اھو انھيءَ عھد وانگر نہ ھوندو،جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سانانھيءَ ڏينھن ڪيو،جڏھن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِسندن ھٿ جھليو ھوم.‘خداوند فرمائي ٿو تہ’اھي منھنجي عھد تي قائم نہ رھيا،انھيءَ ڪري مون بہ انھن ڏانھنڌيان ڪونہ ڏنو.‘
10 وري خداوند فرمائي ٿو تہ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سانانھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس،سو اھو آھي تہآءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس،۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس.آءٌ سندن خدا ٿيندس،۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا.
11 پوءِ ڪنھن کي بہ اھا ضرورت نہ ٿيندي،جو پنھنجي پاڙيسريءَ يا پنھنجي برادريءَ واري کياھو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي سڃاڻ.‘ڇالاءِجو انھن مان ننڍا توڙي وڏاسڀ مون کي سڃاڻيندا.
12 انھيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪندس۽ سندن گناھن کي وري ڪڏھن ياد نہ ڪندس.‘“
13 خدا ھن عھد کي نئون چئي، پھرين عھد کي پراڻو ٺھرايو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آھي، سا مٽجڻ کي ويجھو ھوندي آھي.