عبرانين 9:3-9 SCLNT

3 ٻئي پردي جي پٺيان اھو ڪمرو ھو جنھن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو ھو.

4 انھيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري سوني قربان⁠گاھہ ھئي ۽ چئني پاسن کان سون سان مڙھيل عھد واري صندوق رکيل ھئي. انھيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل ھڪ سونو ٿانءُ، ھارون جي لٺ جنھن مکڙيون جھليون ھيون ۽ عھدنامي جون پٿريليون تختيون ھيون.

5 صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جھڙيون شڪليون ٺھيل ھيون، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني ھيون ۽ اھي ڪفارہ⁠گاھہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون ھيون. پر ھن وقت انھن ڳالھين جي تفصيل بيان ڪرڻ جو موقعو ناھي.

6 سو انھن شين جي اھڙيءَ طرح تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ مقدس خيمي جي پھرين ڪمري ۾ ڪاھن خدمت بجاءِ آڻڻ لاءِ ھر وقت داخل ٿيندا رھن ٿا.

7 پر اندرين ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاھن سال ۾ فقط ھڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو آھي. سو بہ انھيءَ رت کان سواءِ نہ ويندو آھي، جيڪو ھو پنھنجي ۽ پنھنجي قوم وارن جي اڻ⁠ڄاڻائيءَ وارن گناھن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آھي.

8 انھيءَ مان پاڪ روح ھي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پھريون ڪمرو بيٺو آھي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو کليل نہ آھي.

9 اھو ھاڻوڪي زماني لاءِ ھڪڙو مثال آھي، جنھن مان ظاھر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون ھيون، سي عبادت ڪندڙ جي ضمير کي ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.