37 برنباس جي مرضي ھئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلون.
38 پر پولس مناسب نہ سمجھيو تہ ھن کي بہ ساڻ کڻجي، ڇاڪاڻتہ ھو پمفوليا ۾ ھنن کي ڇڏي موٽي ويو ھو ۽ ساڻن تبليغ جي ڪم ۾ گڏ نہ رھيو ھو.
39 انھيءَ ڳالھہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو ھو ھڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانو ٿي ويو.
40 پر پولس سيلاس کي چونڊي پاڻ سان کنيو ۽ ڀائرن کين خدا جي فضل جي حوالي ڪري روانو ڪيو.
41 پولس شام ۽ ڪلڪيا مان ٿيندو، اتي جي ڪليسيائن کي ھمتائيندو ويو.