رسولن جا ڪم 19 SCLNT

پولس اِفسس ۾

1 اپلوس اڃا ڪرنٿس ۾ ئي ھو تہ پولس مٿين علائقن مان ٿيندو اِفسس ۾ اچي پھتو ۽ اتي ڪن شاگردن سان مليو.

2 انھن کان پڇيائين تہ ”جڏھن اوھان ايمان آندو ھو تہ اوھان کي پاڪ روح مليو ھو يا نہ؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”اسان اڃا تائين پاڪ روح بابت نہ ٻڌو آھي.“

3 پولس پڇين تہ ”پوءِ اوھان ڪھڙي بپتسما ورتي؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”يحيٰ واري بپتسما.“

4 تنھن تي پولس چيو تہ ”يحيٰ انھن کي بپتسما ڏيندو ھو جن توبھہ ڪئي ھئي ۽ ھو ماڻھن کي چوندو ھو تہ ’جيڪو مون کان پوءِ ايندو ان تي ايمان آڻجو،‘ يعني عيسيٰ تي.“

5 جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن خداوند عيسيٰ جي نالي تي بپتسما ورتائون.

6 پوءِ پولس پنھنجا ھٿ انھن جي مٿان رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ ھو جدا جدا ٻوليون ڳالھائڻ ۽ خدا جو ڪلام ٻڌائڻ لڳا.

7 اھي سڀيئي اٽڪل ٻارھن ڄڻا ھئا.

8 پولس ٽن مھينن تائين يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو رھيو ۽ انھن ماڻھن سان بي⁠ڊپو ٿي مضبوط دليلن سان خدا جي بادشاھت بابت بحث ڪندو ۽ کين مڃائيندو رھيو.

9 پر جڏھن ڪن ضدي ماڻھن ايمان نہ آندو ۽ خداوند جي انھيءَ طريقي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، تڏھن پولس انھن کي ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن کي ساڻ ڪري ترونس جي مدرسي ڏانھن ويو جتي روزانو بحث ڪندو ھو.

10 اھو سلسلو ٻن سالن تائين ھليو ۽ جيڪي ايشيا پرڳڻي جي علائقي جا يھودي ۽ غير قوم وارا ھئا تن سڀني خداوند جو ڪلام پئي ٻڌو.

سڪيوا جا پٽ

11 خدا پولس جي ھٿان غير معمولي معجزا ڏيکاريندو ھو.

12 ايتري⁠قدر جو جيڪي رومال ۽ پھراڻ پولس ڍڪيندو ھو، سي کڻي جيڪڏھن بيمارن کي لائيندا ھئا تہ انھن کي بيماري ڇڏي ويندي ھئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻھن مان ڀوت نڪري ويندا ھئا.

13 تڏھن ڪي رولو يھودي جيڪي ڀوپا ھئا سي بہ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ماڻھن مان ڀوت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. اھي ڀوتن کي ڪڍڻ وقت ھيئن چوندا ھئا تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ جو واسطو ٿو ڏيان، جنھن جي پولس تبليغ ڪري رھيو آھي.“

14 ھڪڙي يھودي سردار ڪاھن سڪيوا جي ستن پٽن بہ ائين پئي ڪيو.

15 تنھن تي ڀوت وراڻين تہ ”عيسيٰ کي تہ آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ پولس کي بہ سڃاڻان ٿو، پر اوھين ڪير آھيو؟“

16 پوءِ جنھن شخص ۾ ڀوت ھو، تنھن ٽپو ڏيئي وڃي سوگھو ڪين ۽ اھڙو سوگھو ڪيائين جو ھو سڀيئي ڪپڙا ڦاڙائي ۽ ڌڪ کائي انھيءَ گھر مان وٺي ڀڳا.

17 يھودي ۽ غير قوم وارا جيڪي اِفسس ۾ رھندا ھئا، تن سڀني کي جڏھن ھيءَ خبر پيئي تہ ڊپ وٺي وين ۽ خداوند عيسيٰ جي نالي کي وڏي عزت ۽ آبرو ڏيڻ لڳا.

18 جن ايمان آندو ھو تن مان ڪيترن ئي کُلي⁠عام پنھنجا ڪيل بڇڙا ڪم باسيا.

19 انھن مان ڪيترائي جيڪي جادوگري ڪندا ھئا، تن پنھنجا ڪتاب گڏ ڪري سڀني جي اڳيان ساڙي ڇڏيا. انھن ڪتابن جي رقم جوڙي ويئي تہ اھا پنجاھہ ھزار چانديءَ جا سڪا ٿي.

20 اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ۽ زور وٺندو ويو.

اِفسس ۾ ھنگامو

21 ھنن ڳالھين جي ٿيڻ کان پوءِ پولس ارادو ڪيو تہ ھو يونان جي پرڳڻن مڪدونيا ۽ اخيا مان ٿيندو يروشلم وڃي. ھن وڌيڪ ھي بہ فيصلو ڪيو تہ ”اتي وڃڻ کان پوءِ مون کي روم بہ وڃڻ گھرجي.“

22 سو ھن پنھنجن مددگارن مان ٻن ڄڻن تيمٿيس ۽ اراستس کي مڪدونيا ڏانھن موڪليو ۽ پاڻ ڪجھہ وقت ايشيا پرڳڻي جي علائقي ۾ رھي پيو.

23 انھن ڏينھن ۾ اِفسس ۾ خداوند جي انھيءَ طريقي جي ڪري ڏاڍي گڙٻڙ متل ھئي.

24 دميتريس نالي ھڪڙو سونارو ارتميس ديويءَ جا ننڍڙا چانديءَ جا مندر ٺاھيندو ھو. ھن جي ڌنڌي جي ڪري ڪاريگرن کي ڏاڍو فائدو ھوندو ھو.

25 سو ھن انھن ڪاريگرن ۽ اھڙو ڪم ڪندڙ ٻين سڀني کي گڏ ڪري چيو تہ ”اي ڀائرؤ! اوھين ڄاڻو ٿا تہ ھن ڌنڌي مان ئي اسان جو گذر سفر ٿي رھيو آھي.

26 اوھين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾ پر سڄي ايشيا پرڳڻي ۾ ھن شخص پولس گھڻن ماڻھن کي ورغلائي گمراھہ ڪري ڇڏيو آھي. ھو چئي رھيو آھي تہ ’ماڻھن جا ٺاھيل ھي بت خدا ھرگز نہ آھن.‘

27 سو خطرو اھو آھي تہ متان اسان جو ھي ڌنڌو خراب نہ ٿئي. نہ رڳو ايترو پر اھو بہ انديشو آھي تہ متان مھاديوي ارتميس جو مندر بہ ڪين جھڙو ليکجڻ ۾ اچي ۽ جنھن ديويءَ جي پوڄا ايشيا پرڳڻي توڙي سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪئي وڃي ٿي، تنھن جي عظمت ختم ٿي نہ وڃي.“

28 ھنن لفظن ٻڌڻ سان ماڻھو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“

29 سڄي شھر ۾ ھُل مچي ويو. گايس ۽ ارسترخس، جيڪي مڪدونيا جا رھاڪو ھئا ۽ پولس سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، تن کي ماڻھن جي ھڪ ميڙ يڪ⁠مشت ٿي پڪڙي تماشگاھہ ۾ آندو.

30 پولس جي مرضي ھئي تہ ھو ميڙ ۾ وڃي، پر شاگردن وڃڻ نہ ڏنس.

31 ايشيا پرڳڻي جي وڏن عملدارن مان ڪن جيڪي سندس خيرخواھہ ھئا، تن چوائي موڪليس ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”متان تماشگاھہ ۾ وڃي پنھنجي جان جوکي ۾ وجھو.“

32 انھيءَ وقت سڄي ميڙ ۾ رڙيون ھيون، ڪي واڪو ڪري ھڪ ڳالھہ پيا چون تہ ٻيا وري ٻي ڳالھہ، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن کي اھا سڌ بہ نہ ھئي تہ ھو ڇا لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن.

33 آخرڪار ماڻھن مان ڪن جو ھي خيال ھو تہ سڪندر ئي ذميوار آھي، ڇالاءِ⁠جو يھودين کيس اڳ ۾ ڪيو ھو. پوءِ سڪندر ھٿ سان اشارو ڪري ڪوشش ڪئي تہ ماڻھن اڳيان پنھنجي بچاءَ ۾ ڪا تقرير ڪري.

34 پر جڏھن انھن سڃاتو تہ ھي يھودي آھي تہ سڀني گڏجي اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ساڳئي قسم جون رڙيون ڪيون تہ ”اِفسس جي ديوي ارتميس زندہ آباد.“

35 آخرڪار شھر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسسيو! اوھان مان ھر ھڪ کي خبر آھي تہ اِفسس جو شھر مھاديوي ارتميس جي مندر جو رکوالو آھي ۽ آسمان مان ان جو پاڪ پٿر بہ ھتي نازل ٿيو آھي.

36 انھن ڳالھين کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ ٿو سگھي، تنھنڪري اوھان کي گھرجي تہ ٿڌا ٿيو ۽ اُٻھرا ٿي ڪجھہ بہ نہ ڪريو.

37 ڇالاءِ⁠جو جن ماڻھن کي اوھين ھتي وٺي آيا آھيو، سي نہ مندرن کي لٽڻ ڦرڻ وارا آھن ۽ نڪي اسان جي ديويءَ جي خلاف ڪفر بڪن ٿا.

38 تنھنڪري دميتريس ۽ ساڻس گڏ ڌنڌو ڪندڙن کي جيڪڏھن ڪا دعويٰ ڪرڻي آھي تہ ڪورٽ کلي پيئي آھي ۽ جج ويٺا آھن، ڀلي تہ وڃي ڪيس ڪن.

39 پر جيڪڏھن اوھان کي ڪن ٻين ڳالھين جي صفائي وٺڻي آھي تہ انھيءَ جو فيصلو باقاعدي گڏجاڻيءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو.

40 اڄ شھر ۾ جيڪو ھنگامو ٿيو آھي، انديشو آھي تہ انھيءَ جي ذميواري اسان تي اچي سگھي ٿي. جيئن تہ ھن ھنگامي جو ڪو سبب ئي نہ ٿو نظر اچي، سو اسين انھيءَ لاءِ ڪا ثابتي ڏيئي نہ ٿا سگھون.“

41 انھيءَ تقرير کان پوءِ ھن اھا گڏجاڻي برخاست ڪئي.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28