رسولن جا ڪم 7 SCLNT

استيفنس جي تقرير

1 وڏي سردار ڪاھن استيفنس کان پڇيو تہ ”ڇا اھو سچ آھي؟“

2 تنھن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگو! منھنجي ٻڌو. خداءِ⁠ذوالجلال اسان جي وڏي ابراھيم تي ان وقت ظاھر ٿيو، جڏھن حاران ۾ رھڻ کان اڳ ھو مسوپتاميہ ۾ رھندو ھو.

3 خدا کيس چيو تہ ’پنھنجو ڪٽنب ۽ وطن ڇڏي انھيءَ ملڪ ڏانھن وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.‘

4 تنھنڪري ھو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رھڻ لڳو. جڏھن سندس پيءُ مري ويو تڏھن خدا کيس ھن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوھين رھندا ٿا اچو.

5 خدا ابراھيم کي ھن ملڪ ۾ زمين جو ٽڪرو بہ نہ ڏنو، بلڪ ھڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اھو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنھنجي اولاد کي ملڪيت ڪري ڏيندس،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ ھو.

6 خدا ھيئن بہ چيو تہ ’تنھنجو اولاد ھڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي رھندو، جتي انھن کي چار ⁠سؤ سال غلاميءَ ۾ گذرندا ۽ انھن سان ماڻھو خراب ھلت ھلندا.‘

7 وري خدا ھيئن بہ چيو تہ ’جنھن قوم جي غلاميءَ ۾ ھو رھندا تنھن کي آءٌ سزا ڏيندس. تنھن کان پوءِ ھو اتان نڪري اچي ھن ھنڌ منھنجي عبادت ڪندا.‘

8 پوءِ خدا ابراھيم لاءِ طھر کي انھيءَ عھد جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنھنڪري ابراھيم پنھنجي پٽ اسحاق جو سندس ڄمڻ کان اٺين ڏينھن تي طھر ڪرايو. اسحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارھن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارھن قبيلن جا بزرگ ٿيا، تن سڀني جو بہ طھر ڪرايو ويو.

9 اھي بزرگ پنھنجي ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انھن ماڻھن وٽ وڪيائون، جيڪي ھن کي غلام ڪري مصر ڏانھن وٺي ويا. پر خدا ھن ساڻ ھو

10 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين ۽ دانائي بخشيائينس، جنھن ڪري ھو مصر جي بادشاھہ فرعون وٽ قبول پيو. فرعون يوسف کي مصر جو حاڪم ۽ پنھنجي محلات جو مالڪ بڻايو.

11 تنھن کان پوءِ مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنھن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو.

12 پر جڏھن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آھي تڏھن ھن پنھنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پھريون دفعو اوڏانھن موڪليو.

13 ٻئي دفعي يوسف پنھنجي ڀائرن کي پاڻ سڃاڻايو ۽ فرعون کي يوسف جي ڪٽنب جي خبر پئجي ويئي.

14 تنھنڪري يوسف پنھنجي پيءُ يعقوب ۽ پنھنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اھي جملي پنجھتر ڄڻا ھئا.

15 پوءِ يعقوب مصر ڏانھن ويو جتي ھو ۽ اسان جا وڏا مري ويا.

16 انھن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انھيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراھيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان پيسن سان خريد ڪيو ھو.

17 جڏھن ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو تہ مصر ۾ اسان جي ماڻھن جو تعداد وڌي گھڻو ٿي ويو.

18 پوءِ ھڪڙو ٻيو بادشاھہ مصر ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو يوسف کي نہ سڃاڻيندو ھو.

19 انھيءَ اسان جي قوم سان ڊوھہ ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪندي کين مجبور ڪيو جو ھو پنھنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاھر اڇلائي ڇڏيندا ھئا تہ ڀل اھي مري وڃن.

20 انھن ڏينھن ۾ موسيٰ ڄائو جيڪو ڏاڍو سھڻو ھو. ھو ٽي مھينا پنھنجي پيءُ جي گھر ۾ پليو.

21 جڏھن انھيءَ کي گھر کان ٻاھر اڇلايائون تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنھنجو پٽ ڪري پاليائينس.

22 ھن کي مصرين جي سڄي حڪمت جو علم سيکاريو ويو ۽ ھو ڳالھائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ طاقتور ٿي پيو.

23 جڏھن موسيٰ چاليھن سالن جي عمر جو ٿيو تہ ھن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنھنجي قوم وارن کي ڏسان.‘

24 ھن وڃي ڏٺو تہ سندس قوم بني اسرائيل جي ھڪڙي ماڻھوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنھنڪري موسيٰ انھيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ انھيءَ مصريءَ کي ماري ھن جو بدلو ورتائين.

25 موسيٰ سمجھيو ھو تہ ’منھنجي قوم وارا سمجھندا تہ خدا منھنجي وسيلي کين ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيندو،‘ پر ھنن نہ سمجھيو.

26 ٻئي ڏينھن ھن بني اسرائيل جي ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺو ۽ انھن ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’توھين پاڻ ۾ ڀائر آھيو، سو ڇو ٿا ھڪٻئي سان وڙھو؟‘

27 پر جيڪو ظلم ڪري رھيو ھو تنھن موسيٰ کي ڌڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟

28 ڇا تون مون کي بہ مارڻ چاھين ٿو، جيئن تو ڪالھہ ھڪ مصريءَ کي ماريو ھو؟‘

29 موسيٰ ھي ٻڌي وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رھيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.

30 جڏھن چاليھہ سال گذريا تہ ھن کي ھڪڙي ملائڪ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ڏيکاري ڏني، جيڪو ٻرندڙ ٻوڙي مان ظاھر ٿيو.

31 موسيٰ ھي نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏھن ھو ان کي ڏسڻ جي لاءِ ويجھو ويو، تڏھن ھن خداوند جو آواز ٻڌو تہ

32 ’آءٌ تنھنجي ابن ڏاڏن جو خدا، ابراھيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آھيان.‘ موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي ھمت نہ ٿيس.

33 خداوند ھن کي چيو تہ ’پنھنجي جتي لاھہ، ڇالاءِ⁠جو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا ھڪ پاڪ زمين آھي.

34 بيشڪ مون پنھنجن ماڻھن سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آھي، مون انھن جي آھہ ٻڌي آھي ۽ کين بچائڻ لاءِ آيو آھيان. ھاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانھن موڪليان.‘

35 اھو ئي موسيٰ جنھن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنھن تو کي اسان تي حاڪم ۽ منصف مقرر ڪيو آھي؟‘ تنھن کي ئي خدا حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي، انھيءَ ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنھن ھن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ ڏيکاري ڏني ھئي.

36 ھي اھو ئي شخص آھي جنھن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙھي سمنڊ وٽ ۽ چاليھن سالن تائين بيابان ۾ عجب جھڙا ڪم ۽ معجزا ڏيکاريندو رھيو.

37 ھي اھو ئي موسيٰ آھي جنھن بني اسرائيل کي چيو تہ ’خدا اوھان لاءِ اوھان مان ئي مون جھڙو ھڪڙو نبي موڪليندو.‘

38 ھي اھو ئي آھي، جيڪو ان وقت اتي ھو جڏھن سڀيئي بني اسرائيل بيابان ۾ گڏ ٿيا ھئا. اتي ھو اسان جي ابن ڏاڏن سان گڏ ھو ۽ انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھو جنھن ھن سان سينا جي جبل تي ڳالھايو ھو. ھي اھو ئي آھي جنھن کي زندہ ڪلام مليو، انھيءَ لاءِ تہ اھو اسان تائين پھچائي.

39 پر اسان جي ابن ڏاڏن ھن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انھن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ انھن جي دلين جو لاڙو مصر ڏانھن ٿيو.

40 انھن ھارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اھڙا ديوتا ٺاھہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان ھلن، ڇوتہ جنھن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍيو ھو تنھن جي خبر نہ آھي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘

41 انھن ئي ڏينھن ۾ ھنن ھڪڙو بت ٺاھيو، جيڪو گابي جي شڪل جھڙو ھو ۽ انھيءَ بت تي قرباني ڏنائون. ھو پنھنجن ھٿن سان ٺھيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا.

42 پر خدا انھن کان منھن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي ستارن جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي صحيفي ۾ لکيل آھي تہ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوھان منھنجي لاءِبيابان ۾ چاليھن سالن تائينجانور ڪھي قربانيون ڏنيون؟ڪڏھن بہ نہ،

43 پر اوھان مولڪ بت جو خيمو،۽ ديوتا رفان جي ستاري جو بت پاڻ سان کنيا،جيڪي اوھان پوڄا ڪرڻ لاءِ ٺاھيا ھئا.ھاڻي آءٌ اوھان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘

44 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ مقدس خيمو ھو. اھو ائين ئي ٺاھيو ويو ھو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو ھو، يعني اھڙي نموني جو جھڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو ھو.

45 اھو مقدس خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو ھو ۽ اھي تڏھن ان خيمي کي يشوع سان گڏ پاڻ سان کڻي آيا ھئا، جڏھن ھنن انھن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو ھو، جن قومن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو ھو. اھو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رھيو.

46 دائود خدا وٽ قبول پيو ھو ۽ ھن عرض ڪيو ھو تہ يعقوب جي خدا لاءِ کيس گھر اڏڻ جي اجازت ملي.

47 پر خدا جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي ھٿان ئي ٿي.

48 پر خدا تعاليٰ ھٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رھي، جيئن نبيءَ چيو آھي تہ

49 ’خداوند فرمايو تہ آسمان منھنجو تخت آھي۽ زمين منھنجي پيرن جي صندلي آھي.سو اوھين منھنجي لاءِ ڪھڙي قسم جو گھر اڏيندا.يا منھنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاھيندا؟

50 اھي سڀ شيون ڇا منھنجون ئي ٺاھيل نہ آھن؟‘

51 اوھين ڪيڏا نہ ضدي آھيو، اوھان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦريل آھن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوھان جا ڪن ٻوڙا آھن. اوھين ھميشہ پاڪ روح جو مقابلو ڪندا آھيو، جيئن اوھان جا ابا ڏاڏا ڪندا ھئا.

52 اھو ڪھڙو نبي ھو جنھن کي اوھان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ھنن انھن کي بہ مارايو، جن انھيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ ھاڻي اوھان پاڻ انھيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آھي.

53 اوھين اھي آھيو جن کي شريعت ملائڪن جي معرفت ملي، پر اوھان ان تي عمل نہ ڪيو.“

استيفنس کي سنگسار ڪرڻ

54 جيئن ئي ڪائونسل جي ماڻھن استيفنس جون اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ اھي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنھنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا.

55 پر استيفنس پاڪ روح سان ڀرجي آسمان ڏانھن نھاريو تہ خدا جو جلوو نظر آيس ۽ عيسيٰ کي خدا جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين.

56 ھن چيو تہ ”اِجھو، مون کي آسمان کليل نظر ٿو اچي ۽ ابن⁠آدم خدا جي ساڄي پاسي بيٺو آھي.“

57 پر ھنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنھنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون.

58 ھو کيس شھر مان ٻاھر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاھدي ڏيندڙن پنھنجا ڪپڙا شائول نالي ھڪڙي نوجوان وٽ لاھي رکيا.

59 پوءِ جيئن انھن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ ھن خداوند کي سڏي چيو تہ ”اي خداوند عيسيٰ! منھنجو روح قبول ڪر.“

60 ھن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان پڪاريو تہ ”خداوند! ھنن جي ھن گناھہ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي ھو مري ويو، جڏھن تہ شائول ھن جي قتل تي راضي ھو.

بابن

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28