1 پولس دربيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ لسترا ڏانھن بہ ويو. اتي تيمٿيس نالي ھڪڙو شاگرد رھندو ھو، جنھن جي ماءُ يھودڻ ھئي ۽ ايمان آندو ھئائين. پر تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.
2 لسترا ۽ اِڪونيم جا ڀائر تيمٿيس جي ساراھہ ڪندا ھئا.
3 پولس جي مرضي ھئي تہ تيمٿيس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ھلي، تنھنڪري ھن سندس طھر ڪرايو. ھن اھو انھيءَ ڪري ڪيو جو اتي جي رھندڙ سڀني يھودين کي خبر ھئي تہ تيمٿيس جو پيءُ يوناني ھو.
4 ھو جن جن شھرن مان لنگھندا ويا، تن ۾ اھي حڪم ٻڌائيندا ۽ انھن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا ويا، جيڪي يروشلم ۾ رسولن ۽ بزرگن ڏنا ھئا.
5 سو ڪليسيائون روزبروز ايمان ۾ مضبوط ٿينديون ۽ تعداد ۾ وڌنديون ويون.
6 ھو فروگيا ۽ گلتيا جي علائقن مان لنگھي ويا، ڇالاءِجو پاڪ روح ھنن کي ايشيا پرڳڻي ۾ ڪلام جي تبليغ ڪرڻ کان منع ڪئي ھئي.
7 جڏھن موسيا جي سامھون آيا تڏھن ڪوشش ڪيائون تہ بٿونيا ۾ وڃون، پر عيسيٰ جي روح کين وڃڻ نہ ڏنو.
8 تنھنڪري اھي موسيا جي پاسي کان لنگھي تروآس ۾ آيا.
9 اتي رات جو پولس ھڪڙي رويا ڏٺي تہ مڪدونيا جو ھڪڙو ماڻھو بيھي منٿ ڪري چوي پيو تہ ”سائين! مڪدونيا ۾ اچي اسان جي مدد ڪريو.“
10 پولس جي رويا ڏسڻ شرط اسان ھڪدم مڪدونيا ڏانھن وڃڻ جي تياري ڪئي، ڇالاءِجو اسان سمجھيو تہ خدا ھنن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ اسان کي گھرايو آھي.
11 تروآس مان سامونڊي جھاز تي چڙھي اسين سڌا سموتراڪيءَ ۾ آياسين ۽ ٻئي ڏينھن نياپلس ۾ پھتاسون.
12 اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين.
13 سبت جي ڏينھن اسين شھر جي دروازي کان ٻاھر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان سمجھيو تہ عبادت ڪرڻ جي جاءِ ھوندي. اتي جيڪي عورتون اچي گڏ ٿيون ھيون تن سان ويھي گفتگو ڪرڻ لڳاسين.
14 انھن عورتن ۾ ٿواتيرہ شھر جي لديا نالي ھڪ خدا ترس عورت بہ ھئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي ھئي. خدا ھن جي دل کولي ۽ ھن پولس جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌيون.
15 سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.
16 ھڪڙي ڏينھن جيئن اسين عبادت ڪرڻ واري جاءِ ڏانھن پئي وياسين تہ اسان ھڪڙي ٻانھي ڇوڪري ڏٺي جنھن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ اڳڪٿيون ڪندي ھئي ۽ ماڻھن کي سندن قسمت ٻڌائي پنھنجي مالڪن کي ڪيترائي پيسا ڪمائي ڏيندي ھئي.
17 ھوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي تہ ”ھي ماڻھو خدا تعاليٰ جا ٻانھا آھن، جيڪي اوھان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“
18 ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو ھن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ ھن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انھيءَ ئي مھل ڇوڪريءَ کي ڇڏي ھليو ويو.
19 پر جڏھن ڇوڪريءَ جي مالڪن ڏٺو تہ سندن ڪمائيءَ جو ذريعو ختم ٿي ويو، تڏھن ھنن پولس ۽ سيلاس کي پڪڙي ورتو ۽ کين رومي عملدارن وٽ پيش ڪرڻ لاءِ شھر جي چونڪ تي گھلي وٺي ويا.
20 کين عملدارن وٽ آڻي مٿن شاھدي ڏنائون تہ ”سائين! ھي ماڻھو جيڪي يھودي آھن، تن اسان جي شھر ۾ کڻي گوڙ مچايو آھي،
21 ۽ اھڙيون رسمون ڪڍيون اٿن جي اسان رومين کي قبول ڪرڻ ۽ انھن تي ھلڻ جائز نہ آھي.“
22 تنھن تي خلق اچي گڏ ٿي ۽ انھن شاھدن جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي. عملدارن حڪم ڏنو تہ ”ھنن جا ڪپڙا ڦاڙي لاھيو ۽ کين جسم تي چھبڪ ھڻو.“
23 گھڻي مار کان پوءِ کين جيل ۾ وڌائون ۽ جيلر کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنائون تہ کين سخت پھري ھيٺ رکيو وڃي.
24 جيلر حڪم ملڻ تي انھن کي اندرين باريڪ ۾ بند ڪيو ۽ سندن ٽنگون ڪاٺ سان ٻڌي قابو ڪيائين.
25 رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رھيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رھيا، تڏھن اڌ رات ڌاري
26 اوچتو ھڪڙو وڏو زلزلو آيو، جنھن جيل جون ڀتيون پيڙھہ تائين لوڏي ڇڏيون. ھڪدم سڀ دروازا کلي پيا ۽ سڀني قيدين جون ٻيڙيون ڪري پيون.
27 تنھن تي جيلر جاڳي پيو ۽ ڏٺائين تہ جيل جا سڀ دروازا کليا پيا آھن، سو سمجھيائين تہ پڪ سڀ قيدي ڀڄي ويا آھن. تنھنڪري تلوار ڪڍي پاڻ کي مارڻ تي ھو،
28 تہ پولس وڏي واڪي رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي مار نہ، اسين سڀ ھتي آھيون.“
29 جيلر بتي گھرائي اندر ڪاھي پيو ۽ ڏڪندي ڏڪندي پولس ۽ سيلاس جي پيرن تي ڪري پيو.
30 پوءِ ھن کين ٻاھر ڪڍيو ۽ عرض ڪري چوڻ لڳو تہ ”سائين! آءٌ ڇا ڪريان جو ڇوٽڪارو ملي؟“
31 تنھن تي ھنن وراڻيس تہ ”خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻ تہ تو کي ۽ تنھنجي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.“
32 پوءِ انھن ھن کي ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين کي خداوند جو ڪلام ٻڌايو.
33 رات جي انھيءَ پھر ۾ جيلر کين وٺي وڃي سندن زخم ڌوتا. پوءِ اتي ئي ھن ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين بپتسما ورتي.
34 ھو پولس ۽ سيلاس کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ کاڌو ڏنائين. ھو ۽ سندس ڪٽنب خوشيءَ سان ڀرجي ويو، ڇاڪاڻتہ ھنن خدا تي ايمان آندو ھو.
35 ٻئي ڏينھن صبح جو عملدارن پنھنجن سپاھين ھٿان جيلر ڏانھن چوائي موڪليو تہ ”انھن ماڻھن کي ڇڏي ڏيو.“
36 سو جيلر پولس کي ٻڌايو تہ ”عملدارن جو حڪم آھي تہ اوھان کي آزاد ڪيو وڃي. تنھنڪري ھاڻي اوھين ھليا وڃو، شل سدا سلامت ھجو.“
37 پر پولس سپاھين کي چيو تہ ”اسين جيڪي رومي آھيون، تن کي ھنن بنا ڪنھن ڏوھہ جي عام خلق جي اڳيان چھبڪ ھڻائي جيل ۾ وڌو آھي ۽ ھاڻي ھو چپچاپ ۾ اسان کان جان ٿا ڇڏائين؟ ائين ڪڏھن بہ نہ ٿيندو. ڀلي تہ اھي پاڻ اچي اسان کي جيل مان ٻاھر وٺي ھلن.“
38 سپاھين جڏھن اھو نياپو عملدارن کي پھچايو ۽ انھن کي خبر پيئي تہ پولس ۽ سيلاس رومي آھن، تڏھن ھو ڏاڍو ڊڄي ويا.
39 تنھنڪري انھن اچي کانئن معافي ورتي ۽ کين چيائون تہ ”اسين اوھان کي جيل مان آزاد ٿا ڪريون، مھرباني ڪري اوھين شھر مان ھليا وڃو.“
40 تڏھن پولس ۽ سيلاس جيل مان نڪري لديا جي گھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڀائرن سان مليا ۽ کين تسلي ڏنائون. پوءِ ھو اتان روانا ٿي ويا.