1 ”اي ڀائرو ۽ بزرگو! ٻڌو، ھاڻي آءٌ اوھان کي پنھنجي بچاءَ ۾ ڪجھہ ٻڌايان ٿو.“
2 جڏھن انھن کيس عبرانيءَ ۾ ڳالھائيندي ٻڌو تہ وڌيڪ خاموش ٿي ويا ۽ پولس پنھنجو بيان جاري رکندي چيو تہ
3 ”آءٌ ھڪ يھودي آھيان، جو ڪلڪيا جي شھر ترسس ۾ پيدا ٿيس ۽ ھتي يروشلم ۾ وڏو ٿيس. مون گمليايل وٽان علم حاصل ڪيو. ھن مون کي وڏن جي شريعت جي بہ مڪمل تعليم ڏني. جھڙيءَ طرح اوھين سڀيئي اڄ خدا جي لاءِ ڏاڍا سرگرم آھيو تھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھوندو ھوس.
4 انھيءَ ڪري مون عيسيٰ مسيح جي طريقي وارن ڪيترن مردن ۽ عورتن کي ٻڌرائي، جيلن ۾ وجھرائي ۽ مارائي بہ ڇڏيو ھو.
5 وڏو سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل ھن ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي سگھن ٿا تہ آءٌ سچ ٿو ڳالھايان. انھن ئي مون کي دمشق جي يھودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانھن روانو ٿيس تہ جيئن اتي وارن کي بہ ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“
6 ”جڏھن آءٌ سفر ڪندو دمشق کي ويجھو ٿيس تڏھن ٻنپھرن ڌاري اوچتو ئي اوچتو آسمان مان ھڪڙي تجليدار روشني منھنجي چوڌاري چمڪڻ لڳي.
7 آءٌ انھيءَ دم زمين تي ڪري پيس ۽ ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيم تہ ’اي شائول! اي شائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟‘
8 تنھن تي مون جواب ڏنو تہ ’اي خداوند! تون ڪير آھين؟‘ ھن مون کي چيو تہ ’آءٌ عيسيٰ ناصري آھيان، جنھن کي تون ستائين ٿو.‘
9 جيڪي ماڻھو مون سان گڏ ھئا تن اھا روشني تہ ڏٺي، پر جنھن مون سان ڳالھايو ٿي، تنھن جو آواز ڪونہ ٻڌائون.
10 مون پڇيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنھن تي خداوند مون کي چيو تہ ’اٿي دمشق ۾ وڃ، اتي تو کي اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو خدا تنھنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آھي.‘
11 آءٌ انھيءَ روشنيءَ جي تجليءَ جي ڪري انڌو ٿي پيس، سو منھنجا سنگتي ساٿي مون کي ھٿ کان وٺي دمشق ۾ آيا.
12 اتي حنانياہ نالي ھڪڙو ماڻھو ھو، جيڪو دمشق جي سڀني يھودين ۾ معتبر ۽ شريعت موجب ديندار ھو.
13 ھو مون وٽ آيو ۽ ڀرسان بيھي چيائين تہ ’ادا شائول! ديد وٺ.‘ انھيءَ دم مون کي وري ديد ملي ويئي ۽ مون کيس ڏٺو.
14 پوءِ ھن چيو تہ ’اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا تو کي ھن لاءِ مقرر ڪيو آھي تہ تو کي خبر پوي تہ سندس مرضي ڪھڙي آھي ۽ انھيءَ سچار کي ڏسين ۽ کيس ڳالھائيندي ٻڌين.
15 ڇالاءِجو جيڪي تو ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، تنھن بابت تون سڀني ماڻھن جي اڳيان سندس شاھد ٿيندين.
16 ھاڻي دير نہ ڪر. اٿي ۽ سندس نالي دعا گھُري بپتسما وٺ تہ تنھنجا گناھہ ڌوپي وڃن.‘
17 پوءِ آءٌ موٽي يروشلم ۾ آيس ۽ جڏھن ھيڪل ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون کي ھڪ رويا ڏسڻ ۾ آئي،
18 جنھن ۾ مون خداوند کي ڏٺو، جيڪو مون کي چئي رھيو ھو تہ ’جلدي ڪر، يروشلم مان نڪري وڃ. ڇالاءِجو ماڻھو منھنجي بابت تنھنجي شاھدي قبول نہ ڪندا.‘
19 تنھن تي مون وراڻيو تہ ’اي خداوند! خود ھنن کي خبر آھي تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا ھئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يھودي عبادتخانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ مار ڏياريندو ھوس.
20 جنھن وقت تنھنجي شھيد استيفنس جو رت ٿي وھايو ويو، تنھن وقت آءٌ بہ اتي بيٺو ھوس ۽ انھيءَ ڳالھہ ۾ راضي ھوس ۽ جن کيس ماريو پئي تن جي ڪپڙن جي مون سنڀال پئي ڪئي.‘
21 پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’ھتان روانو ٿيءُ، ڇالاءِجو آءٌ تو کي غير قومن ڏانھن پري پري موڪليندس.‘“
22 ايستائين ھو پولس جي ڳالھہ ٻڌندا رھيا ۽ پوءِ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن ماڻھوءَ کي ختم ڪري ڇڏيو، ڇالاءِجو اھڙو ماڻھو دنيا ۾ رھڻ جي لائق نہ آھي.“
23 جڏھن ھو واڪا ڪرڻ، ڪپڙا اڇلائڻ ۽ ڌوڙ اڏائڻ لڳا،
24 تڏھن ڪپتان پولس بابت حڪم ڏنو تہ ”ھن کي قلعي ۾ وٺي وڃو ۽ چھبڪ ھڻي سندس زباني بيان وٺو تہ مون کي خبر پوي تہ اھي ڇو ھن جي خلاف ايڏيون رڙيون ڪن ٿا.“
25 جڏھن اھي کيس چھبڪن ھڻڻ لاءِ ٻڌي چڪا تہ پولس اتي بيٺل صوبيدار کي چيو تہ ”ڇا اوھان لاءِ اھو جائز آھي جو اوھين ھڪ روميءَ کي چھبڪ ھڻايو، جيتوڻيڪ ھن جو ڪوبہ ڏوھہ نہ آھي؟“
26 جڏھن صوبيدار ھي ٻڌو تہ ھو سڌو ڪپتان وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”اوھين ھي ڇا ڪري رھيا آھيو؟ ھي ماڻھو تہ رومي آھي.“
27 تنھن تي ڪپتان پولس وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”سچ ٻڌاءِ تون رومي آھين ڇا؟“ پولس جواب ڏنو تہ ”ھائو.“
28 تنھن تي ڪپتان چيس تہ ”مون تہ تمام وڏي رقم ڏيئي رومي ٿيڻ جا حق حاصل ڪيا آھن.“ پر پولس چيس تہ ”آءٌ تہ ڄائي ڄم کان رومي آھيان.“
29 پوءِ جيڪي پولس جو زباني بيان وٺڻ آيا ھئا، سي کيس ھڪدم ڇڏي پري ٿي بيٺا. ڪپتان کي بہ جڏھن اھا خبر پيئي تہ ھو رومي آھي تہ ھو ڏاڍو ڊڄي ويو جو ھن کيس زنجيرن ۾ ٻڌرايو ھو.
30 ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.