4 جڏھن ھو يروشلم ۾ پھتا تہ ڪليسيا جي ماڻھن، رسولن ۽ بزرگن سندن استقبال ڪيو ۽ جيڪي خدا ھنن جي وسيلي ڪيو ھو سو سڀ کين بيان ڪري ٻڌايائون.
5 پر فريسي جن ايمان آندو ھو تن مان ڪي اٿي بيٺا ۽ چوڻ لڳا تہ ”غير قومن جو طھر ضرور ٿيڻ کپي ۽ کين تاڪيد ڪيو وڃي تہ ھو موسيٰ جي شريعت تي ھلن.“
6 رسول ۽ بزرگ گڏجي ھن معاملي تي ويچار ڪرڻ لڳا.
7 گھڻي بحث کان پوءِ پطرس اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ ”ڀائرؤ! اوھان کي خبر آھي تہ ڪجھہ وقت اڳ ۾ خدا مون کي اوھان مان چونڊيو ھو تہ غير قومون منھنجي واتان خوشخبريءَ جو ڪلام ٻڌي ايمان آڻين.
8 خدا جيڪو اسان جي دلين جو ڄاڻڻ وارو آھي تنھن اسان کي اھو ڏيکاريو تہ غير قومون بہ ايمان آڻي سگھن ٿيون، ڇالاءِجو انھن کي بہ پاڪ روح مليو جيئن اسان کي مليو آھي.
9 ھن اسان ۾ ۽ انھن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آھي، ڇالاءِجو جڏھن ھنن ايمان آندو تہ ھن انھن جون دليون پاڪ ڪيون.
10 تہ پوءِ اھڙا بار جن کي نہ اسان جا ابا ڏاڏا ۽ نہ اسان ئي کڻي ٿي سگھياسين، سي اوھين شاگردن تي رکي خدا کي ڇو ٿا آزمايو؟