23 خدا جي اڳي ئي ڪيل فيصلي ۽ علم موجب عيسيٰ کي اوھان جي حوالي ڪيو ويو، تہ جيئن اوھان ھن کي گنھگار ماڻھن جي ھٿان صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻائي مارايو.
24 پر خدا ھن کي مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ کيس موت جي ڏکن کان آزاد ڪيو، ڇاڪاڻتہ اھو ناممڪن ھو جو موت کيس قيد ڪري.
25 ڇوتہ دائود ھن بابت چيو آھي تہ’مون خداوند کي ھر وقت پنھنجي اڳيان ڏٺو،ڇالاءِجو ھو منھنجي ساڄي پاسي آھي،انھيءَ لاءِ تہ جيئن آءٌ نہ گھٻرايان.
26 تنھنڪري منھنجي دل خوش آھي۽ منھنجي زبان خوشيءَ سان ڳالھائي ٿي.بلڪ منھنجو جسم بہ اميد ۾ رھندو.
27 ڇالاءِجو تون منھنجي روح کيعالم ارواح ۾ ڇڏي نہ ڏيندين،نڪي پنھنجي پاڪ ٻانھي کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.
28 تو مون کي زندگيءَ جون واٽون ڏيکاريون،۽ تون مون کي پنھنجو ديدار ڪرائيخوشيءَ سان ٽمٽار ڪندين.‘
29 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي بابي دائود بابت کليو کلايو ٻڌايان ٿو تہ ھو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آھي.