1 پولس ڪائونسل ڏانھن چتائي نھاريو ۽ چيائين تہ ”اي ڀائرؤ! اڄ تائين مون پنھنجي سڄي حياتي خدا جي حضور ۾ پوري نيڪنيتيءَ سان پئي گذاري آھي.“
2 تنھن تي وڏي سردار ڪاھن حنانياہ اتي بيٺل ماڻھن کي حڪم ڏنو تہ ”پولس کي وات وارو ڌڪ ھڻو.“
3 تڏھن پولس ھن کي چيو تہ ”خدا يقيناً تو کي بہ ڌڪ ھڻندو اي اندر ڪارا! ڇا تون منھنجو فيصلو شريعت موجب ٿو ڪرين؟ نہ، تون تہ شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين.“
4 تنھن تي جيڪي ماڻھو پولس جي ڀرسان بيٺا ھئا، تن چيس تہ ”تون خدا جي وڏي سردار ڪاھن کي گھٽوڌ ٿو ڳالھائين!“
5 پولس وراڻيو تہ ”ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ ھو ڪو وڏو سردار ڪاھن آھي. پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ’تون پنھنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“