9 جيڪڏھن اڄ اسان کان پڇا ٿي ٿئي تہ اسان منڊي ماڻھوءَ سان ڇو چڱائي ڪئي ۽ ھو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو تہ
10 پوءِ اوھان ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن کي ڄاڻڻ کپي تہ ھي ماڻھو، جيڪو اوھان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آھي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آھي، جنھن کي اوھان صليب تي چاڙھيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.
11 عيسيٰ اھو آھي جنھن لاءِ لکيل آھي تہ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘
12 ڪنھن بہ ٻئي جي ھٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آھي، ڇالاءِجو آسمان جي ھيٺان ماڻھن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونھي جنھن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“
13 اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.
14 ھو رسولن جي خلاف ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا، ڇالاءِجو جيڪو ماڻھو چڱو ڀلو ٿيو ھو سو بہ ساڻن گڏ بيٺل ھو.
15 تنھنڪري انھن کين ڪائونسل کان ٻاھر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ