37 انھن ڏينھن ۾ ھوءَ بيمار ٿي پيئي ۽ مري ويئي. ھن جي لاش کي غسل ڏيئي ماڙيءَ تي ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾ رکيائون.
38 جيئن تہ لدہ، يافا جي ڀرسان ھو، تنھنڪري شاگردن کي خبر پيئي تہ پطرس اتي آھي. پوءِ انھن ٻہ ماڻھو ھن ڏانھن موڪليا ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي ھليو اچ.“
39 پطرس اٿي انھن سان گڏ روانو ٿيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتو تہ اھي کيس ماڙيءَ تي وٺي ويا. سڀيئي رنونزالون ھن جي ڀرسان بيھي روئڻ لڳيون ۽ کيس دورڪاس جا ٺھيل پھراڻ ۽ ڪپڙا ڏيکارڻ لڳيون، جيڪي ھوءَ انھن سان گڏ ٺاھيندي ھئي.
40 پطرس انھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گوڏن ڀر ويھي دعا گھريائين. پوءِ ميت ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي طبيٿا! اٿ.“ تنھن تي ھن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اٿي ويٺي.
41 پطرس کيس ھٿ کان وٺي اٿاريو ۽ ايمان وارن ۽ رننزالن کي سڏي جيئري جاڳندي طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.
42 ھيءَ ڳالھہ سڄي يافا ۾ مشھور ٿي ويئي ۽ ڪيترن ئي خداوند تي ايمان آندو.
43 پوءِ پطرس ڪيترائي ڏينھن يافا ۾ شمعون نالي موچيءَ وٽ رھيل ھو.