رسولن جا ڪم 1:12-18 SCLNT

12 پوءِ رسول زيتون نالي ٽڪر کان موٽي يروشلم شھر ۾ آيا، جيڪو اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر جيترو پري آھي.

13 اھي شھر ۾ داخل ٿيا ۽ مٿي ان ماڙيءَ تي ويا جتي رھيل ھئا. اھي پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برٿلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم⁠پرست ۽ يعقوب جو پٽ يھوداہ ھئا.

14 ھو سڀ گھڻو ڪري گڏجي دعا گھرندا ھئا ۽ ساڻن عيسيٰ جي ماءُ مريم سميت ڪي عورتون ۽ عيسيٰ جا ڀائر بہ ھوندا ھئا.

15 ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ

16 ”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو.

17 يھوداہ اسان جي ئي ٽولي مان ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان جي ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو ھو.“

18 يھوداہ جيڪي پيسا پنھنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا ھئا، تن مان ھن ھڪ ميدان خريد ڪيو. اتي ھو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاھر نڪري آيس.