رسولن جا ڪم 1:15-23 SCLNT

15 ھڪڙي ڏينھن جڏھن اٽڪل ھڪ ⁠سؤ ويھہ ڄڻا اچي گڏ ٿيا، تڏھن پطرس ڀائرن جي وچ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين تہ

16 ”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو.

17 يھوداہ اسان جي ئي ٽولي مان ھو، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان جي ڪم ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو ھو.“

18 يھوداہ جيڪي پيسا پنھنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا ھئا، تن مان ھن ھڪ ميدان خريد ڪيو. اتي ھو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاھر نڪري آيس.

19 جڏھن يروشلم جي سڀني ماڻھن اھو ٻڌو تہ انھن پنھنجي ٻوليءَ ۾ ان زمين کي اڪالديمي سڏيو، جنھن جي معنيٰ آھي ”رت جو ميدان.“

20 پطرس وڌيڪ چيو تہ ”ڇالاءِ⁠جو زبور ۾ لکيل آھي تہ’شل انھيءَ جو گھر ويران ٿئي،۽ منجھس ڪوبہ نہ رھي.‘ ھي بہ لکيل آھي تہ’شل ڪو ٻيو ھن جي خدمت جي جاءِ وٺي.‘

23 سو انھن ٻن ماڻھن جا نالا پيش ڪيا، ھڪڙو يوسف، جنھن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا ھئا ۽ ٻيو متياہ.