18 يھوداہ جيڪي پيسا پنھنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا ھئا، تن مان ھن ھڪ ميدان خريد ڪيو. اتي ھو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاھر نڪري آيس.
19 جڏھن يروشلم جي سڀني ماڻھن اھو ٻڌو تہ انھن پنھنجي ٻوليءَ ۾ ان زمين کي اڪالديمي سڏيو، جنھن جي معنيٰ آھي ”رت جو ميدان.“
20 پطرس وڌيڪ چيو تہ ”ڇالاءِجو زبور ۾ لکيل آھي تہ’شل انھيءَ جو گھر ويران ٿئي،۽ منجھس ڪوبہ نہ رھي.‘ ھي بہ لکيل آھي تہ’شل ڪو ٻيو ھن جي خدمت جي جاءِ وٺي.‘
23 سو انھن ٻن ماڻھن جا نالا پيش ڪيا، ھڪڙو يوسف، جنھن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا ھئا ۽ ٻيو متياہ.
24 پوءِ انھن دعا گھري تہ ”اي خداوند! تون سڀني ماڻھن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو ھنن ٻن مان ڪنھن کي چونڊيو آھي تہ
25 اھو رسول جي اھا جاءِ وٺي، جنھن تان يھوداہ خارج ٿيو ۽ پنھنجيءَ جاءِ ڏانھن ھليو ويو.“
26 پوءِ انھن ٻنھي جي لاءِ پُکا وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ ھو يارھن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.