3 ھن پنھنجي موت کان پوءِ انھن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ ھو جيئرو آھي. ھن چاليھن ڏينھن تائين انھن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن خدا جي بادشاھت بابت ڳالھايائين.
4 ھڪڙي دفعي جڏھن ھو سڀيئي اچي گڏ ٿيا تہ ھن کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منھنجي پيءُ جي ڪيل واعدي جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنھن بابت مون اوھان کي ٻڌايو ھو.
5 يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي پر اوھان کي ٿورن ڏينھن کان پوءِ پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.“
6 ٻئي دفعي جڏھن اھي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انھن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”خداوند! بني اسرائيل کي بادشاھت موٽائي ڏيڻ جو وقت اچي ويو آھي ڇا؟“