رسولن جا ڪم 10:33-39 SCLNT

33 تنھنڪري مون جلدي اوھان کي گھرايو ۽ اھا اوھان جي وڏي مھرباني آھي جو اوھين آيا آھيو. ھاڻي اسين سڀ انھيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آھيون تہ جيڪي خداوند اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي سو ٻڌون.“

34 پوءِ پطرس ھيئن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ آھي تہ خدا سڀني سان ھڪجھڙو ھلي ٿو.

35 پر سڀ ڪنھن قوم مان جيڪو بہ خدا کان ڊڄي ٿو ۽ نيڪي ڪري ٿو سو وٽس قبول پوي ٿو.

36 اھو ڪلام جيڪو امن جي خوشخبري آھي سو خدا بني اسرائيل قوم ڏانھن عيسيٰ مسيح جي وسيلي موڪليو، جيڪو سڀني جو خداوند آھي.

37 انھيءَ واقعي جي اوھان کي پاڻ خبر آھي، جيڪو يحيٰ جي بپتسما واري تبليغ کان پوءِ سڄي يھوديہ ۾ مشھور ٿي ويو ۽ جنھن جي شروعات گليل کان ٿي.

38 اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِ⁠جو خدا انھيءَ سان ھو.

39 اسين انھن سڀني ڪمن جا شاھد آھيون، جيڪي ھن يھودين جي ملڪ ۽ يروشلم شھر ۾ ڪيا ھئا. پر انھن کيس صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻي ماريو.