1 رسولن ۽ سڄي يھوديہ ۾ ڀائرن ٻڌو تہ غير قومن بہ خدا جو ڪلام قبول ڪيو آھي.
2 جڏھن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ جيڪي ايمان وارا طھر ڪرائڻ جي حق ۾ ھئا، تن ساڻس بحث ڪيو تہ
3 ”تون نہ رڳو اڻطھريلن جي گھر ۾ مھمان ھئين، بلڪ تو انھن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آھي.“
4 تنھن تي پطرس انھن کي شروعات کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ
5 ”جڏھن آءٌ يافا شھر ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون رويا ڏٺي تہ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان ھيٺ لھندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پھتي.