رسولن جا ڪم 11:12-18 SCLNT

12 پاڪ روح مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انھن سان گڏ ھليو وڃ.‘ تڏھن ھي اسان جا ڇھہ ڀائر بہ مون سان گڏجي يافا مان ھليا ۽ قيصريہ ۾ اسين ڪرنيليس جي گھر پھتاسون.

13 ھن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن ھڪ ملائڪ سندس گھر ۾ اچي بيٺو، جنھن کيس چيو تہ ’يافا مان انھيءَ ماڻھوءَ کي گھراءِ، جنھن جو نالو شمعون آھي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آھن.

14 ھو تو کي اھڙو ڪلام ٻڌائيندو جنھن جي وسيلي تو کي ۽ تنھنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘

15 جڏھن مون انھن سان ڳالھائڻ شروع ڪيو تہ پاڪ روح انھن تي نازل ٿيو. بلڪل ائين جيئن شروع ۾ اسان تي نازل ٿيو ھو.

16 پوءِ مون کي خداوند جو چوڻ ياد آيو تہ ’يحيٰ پاڻيءَ سان بپتسما ڏني ھئي، پر اوھان کي پاڪ روح سان بپتسما ڏني ويندي.‘

17 اھو صاف آھي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آھي، جيڪا ھن اسان کي عطا ڪئي ھئي جڏھن اسان خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ھو. پوءِ آءٌ ڪير ھئس جو خدا کي روڪي سگھان ھا؟“

18 جڏھن انھن ھي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائون تہ ”خدا غير قومن کي بہ توفيق ڏني آھي تہ ھو توبھہ ڪن ۽ زندگي حاصل ڪن.“