4 تنھن تي پطرس انھن کي شروعات کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ
5 ”جڏھن آءٌ يافا شھر ۾ دعا گھري رھيو ھوس تہ مون رويا ڏٺي تہ ڪا شيءِ وڏيءَ چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آسمان مان ھيٺ لھندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پھتي.
6 مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو ۽ جھنگلي جانور، جيت ۽ پکي نظر آيا،
7 ۽ ھڪڙو آواز ٻڌم، جنھن مون کي چيو تہ ’پطرس! اٿ ۽ اھي ڪھي کاءُ.‘
8 پر مون چيو تہ ’خداوند! ھرگز نہ، ڇالاءِجو مون اڄ ڏينھن تائين ڪڏھن بہ ڪا حرام يا پليت شيءِ نہ کاڌي آھي.‘
9 تنھن تي وري آسمان مان آواز آيو تہ ’جنھن شيءِ کي خدا پاڪ ڪيو آھي تنھن کي پليت نہ چئُہ.‘
10 ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اھي سڀيئي شيون آسمان ڏانھن کڄي ويون.