1 انھن ڏينھن ۾ يھوديہ جي بادشاھہ ھيروديس ڪليسيا جي ڪن ماڻھن کي ستائڻ شروع ڪيو.
2 ھن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو.
3 جڏھن ھن ڏٺو تہ يھودين کي اھا ڳالھہ چڱي لڳي آھي، تڏھن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اھي بيخميري مانيءَ جي عيد جا ڏينھن ھئا.
4 ھن پطرس کي پڪڙڻ کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پھري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاھين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. ھيروديس جو منصوبو ھو تہ ھو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻھن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.
5 پطرس تہ جيل ۾ پھري ھيٺ ھو، پر ڪليسيا جي ماڻھن ھن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.