رسولن جا ڪم 12:10-16 SCLNT

10 اھي پھرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار ھو انھيءَ لوھي دروازي وٽ اچي پھتا، جيڪو شھر ڏانھن کليو ٿي. دروازو ھنن لاءِ پاڻ ئي کلي پيو ۽ ھو ٻاھر نڪري آيا. اھي شھر جي ھڪ گھٽيءَ مان ھلڻ لڳا تہ اوچتو ئي ملائڪ پطرس کي ڇڏي ھليو ويو.

11 جڏھن پطرس ھوش ۾ آيو، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنھنجو ملائڪ موڪلي مون کي ھيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آھي ۽ جيڪي يھودي قوم جا ارادا ھئا تن کان ڇڏايو اٿس.“

12 ھن واقعي تي ويچار ڪرڻ کان پوءِ ھو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر آيو. اتي گھڻا ئي ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا ۽ دعائون گھري رھيا ھئا.

13 پطرس ٻاھران در کڙڪايو ۽ رودا نالي ھڪ نوڪرياڻي در تي آئي.

14 جڏھن پطرس جو آواز سڃاتائين، تڏھن خوشيءَ وچان در کولڻ کان اڳي ئي اندر ڊوڙي وڃي ٻڌايائين تہ ”پطرس در تي بيٺو آھي.“

15 تنھن تي ھنن چيس تہ ”تون چري ٿي آھين.“ پر ھوءَ يقين سان چوندي رھي تہ ”اھو سچ آھي.“ ھنن چيس تہ ”اھو سندس ڪو ملائڪ ھوندو.“

16 پطرس در کڙڪائيندو رھيو ۽ جڏھن ھنن در کوليو تہ کيس ڏسي حيران ٿي ويا.