رسولن جا ڪم 12:13-19 SCLNT

13 پطرس ٻاھران در کڙڪايو ۽ رودا نالي ھڪ نوڪرياڻي در تي آئي.

14 جڏھن پطرس جو آواز سڃاتائين، تڏھن خوشيءَ وچان در کولڻ کان اڳي ئي اندر ڊوڙي وڃي ٻڌايائين تہ ”پطرس در تي بيٺو آھي.“

15 تنھن تي ھنن چيس تہ ”تون چري ٿي آھين.“ پر ھوءَ يقين سان چوندي رھي تہ ”اھو سچ آھي.“ ھنن چيس تہ ”اھو سندس ڪو ملائڪ ھوندو.“

16 پطرس در کڙڪائيندو رھيو ۽ جڏھن ھنن در کوليو تہ کيس ڏسي حيران ٿي ويا.

17 پر ھن ماٺ ڪرڻ لاءِ کين ھٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انھن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. تڏھن کين چيائين تہ ”ھن ڳالھہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي بہ خبر ڏجو.“ پوءِ ھو اتان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ھليو ويو.

18 جڏھن صبح ٿيو تہ سپاھين ۾ ڏاڍي ڦڙڦوٽ پئجي ويئي تہ پطرس ڪيڏانھن ويو؟

19 ھيروديس ھن جي ڳولا ڪرڻ لاءِ کين حڪم ڏنو، پر ھو کيس لھي نہ سگھيا. پوءِ ھن پھريدارن کان پڇا⁠ڳاڇا ڪئي ۽ حڪم ڏنائين تہ کين قتل ڪيو وڃي.ھن کان پوءِ ھيروديس يھوديہ مان ھليو ويو ۽ ڪجھہ وقت وڃي قيصريہ ۾ گذاريائين.