رسولن جا ڪم 12:2-8 SCLNT

2 ھن يوحنا جي ڀاءُ يعقوب کي تلوار سان مارائي ڇڏيو.

3 جڏھن ھن ڏٺو تہ يھودين کي اھا ڳالھہ چڱي لڳي آھي، تڏھن پطرس کي بہ پڪڙايائين. اھي بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جا ڏينھن ھئا.

4 ھن پطرس کي پڪڙڻ کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پھري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاھين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. ھيروديس جو منصوبو ھو تہ ھو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻھن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.

5 پطرس تہ جيل ۾ پھري ھيٺ ھو، پر ڪليسيا جي ماڻھن ھن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.

6 جنھن ڏينھن ھيروديس کيس ماڻھن اڳيان پيش ڪرڻ وارو ھو، انھيءَ رات پطرس ٻن پھريدارن جي وچ ۾ ستو پيو ھو. ھو ٻن زنجيرن سان ٻڌل ھو ۽ جيل جي دروازن تي بہ پھرو ھو.

7 اوچتو ئي خداوند جو ھڪڙو ملائڪ اچي سندس اڳيان بيٺو ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ روشنائي چمڪڻ لڳي. ملائڪ پطرس جي ڪلھي تي ھٿ رکي جاڳائي چيس تہ ”جلدي اٿ.“ ھڪدم ھٿڪڙيون سندس ھٿن مان ٽٽي ڪري پيون.

8 پوءِ ملائڪ چيس تہ ”سندرو ٻڌ ۽ جتي پاءِ.“ ھن ائين ئي ڪيو. وري چيائينس تہ ”پنھنجو جبو پاءِ ۽ منھنجي پٺيان ھليو اچ.“