1 انتاخيا جي ڪليسيا ۾ نبي ۽ استاد ھوندا ھئا، جھڙوڪ برنباس، شمعون جنھن کي ڪارو سڏيندا ھئا، لوسيس ڪريني، منائين، جيڪو ھيروديس حاڪم جو ننڍپڻ جو دوست ھو ۽ شائول.
2 جڏھن ھنن خداوند جي عبادت پئي ڪئي ۽ روزا پئي رکيا، تڏھن پاڪ روح کين چيو تہ ”برنباس ۽ شائول کي مون لاءِ مخصوص ڪريو تہ ھو اھو ڪم ڪن جنھن لاءِ مون کين چونڊيو آھي.“
3 تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.
4 برنباس ۽ شائول پاڪ روح جي چوڻ موجب پھريائين سلوڪيہ ڏانھن ويا ۽ اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانا ٿي ويا.
5 جڏھن ھو سلميس ۾ پھتا، تڏھن يھودين جي عبادتخانن ۾ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ يوحنا عرف مرقس ھن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.