رسولن جا ڪم 13:17-23 SCLNT

17 بني اسرائيل قوم جي خدا اسان جي وڏن کي چونڊيو ۽ انھن کي وڏي قوم بڻايائين، جڏھن ھو مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رھندا ھئا. خدا پنھنجي عظيم قوت سان انھن کي مصر مان ڪڍيو

18 ۽ اٽڪل چاليھن سالن تائين بيابان ۾ سندن سنڀال ڪندو رھيو.

19 ھن ڪنعان جي ملڪ ۾ ست قومون ناس ڪيون ۽ بني اسرائيل کي ان ملڪ جو مالڪ بڻايائين.

20 اھڙيءَ طرح ساڍا چار ⁠سؤ سال گذري ويا.تڏھن خدا سموئيل نبيءَ جي زماني تائين انھن لاءِ رھبر مقرر ڪندو رھيو.

21 ان کان پوءِ ھنن بادشاھہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا شائول کي سندن بادشاھہ مقرر ڪيو، جيڪو بنيامين جي قبيلي مان قيش جو پٽ ھو، جنھن چاليھن سالن تائين حڪومت ڪئي.

22 جڏھن خدا ھن کي برطرف ڪيو تہ دائود کي انھن جو بادشاھہ مقرر ڪيائين. خدا ھن بابت ھيئن چيو تہ ’مون يشيءَ جي پٽ دائود کي پنھنجيءَ دل وٽان لڌو آھي. ھو ھميشہ منھنجي مرضيءَ تي ھلندو.‘

23 جيئن خدا واعدو ڪيو ھو تيئن ئي ھن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل وٽ ھڪڙي ڇوٽڪاري ڏيندڙ يعني عيسيٰ کي موڪليو.