رسولن جا ڪم 13:23-29 SCLNT

23 جيئن خدا واعدو ڪيو ھو تيئن ئي ھن دائود جي اولاد مان بني اسرائيل وٽ ھڪڙي ڇوٽڪاري ڏيندڙ يعني عيسيٰ کي موڪليو.

24 عيسيٰ جي اچڻ کان اڳ ۾ يحيٰ بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم ۾ تبليغ ڪئي تہ توبھہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو.

25 جڏھن يحيٰ پنھنجو ڪم پورو ڪرڻ تي ھو تہ ھن ماڻھن کي چيو تہ ’مون بابت ڇا ٿا سمجھو؟ آءٌ اھو نہ آھيان جنھن جو اوھين انتظار ڪري رھيا آھيو، پر اھو مون کان پوءِ ايندو. آءٌ انھيءَ لائق نہ آھيان جو سندس جتيءَ جون ڪھيون ڇوڙيان.‘

26 اي ڀائرؤ! اي ابراھيم جو اولاد ۽ اوھين اي خداپرست غير يھوديو! انھيءَ ڇوٽڪاري جي ڪلام کي اسان ڏانھن ئي موڪليو ويو آھي.

27 پر يروشلم جي رھاڪن ۽ سندن اڳواڻن انھيءَ کي نہ سڃاتو ۽ نڪي ھنن نبين جي ڪلام کي سمجھيو، جيڪو ھر سبت جي ڏينھن تي پڙھيو ويندو آھي. پر اٽلندو عيسيٰ تي فتويٰ جاري ڪري ھنن نبين جي چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪيو.

28 جيتوڻيڪ انھن کي عيسيٰ جي مارائڻ جو ڪوبہ سبب نہ مليو، تنھن ھوندي بہ ھنن پلاطس کي عرض ڪيو تہ کيس مارائي ڇڏي.

29 جڏھن اھي سڀ ڳالھيون پوريون ڪيائون جيڪي صحيفي ۾ لکيل ھيون، تڏھن ھنن سندس لاش کي صليب تان لاھي قبر ۾ رکيو.