3 تڏھن انھن روزو رکيو ۽ دعا گھرندي ھنن تي ھٿ رکيا ۽ پوءِ کين روانو ڪيائون.
4 برنباس ۽ شائول پاڪ روح جي چوڻ موجب پھريائين سلوڪيہ ڏانھن ويا ۽ اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي قبرص ڏانھن روانا ٿي ويا.
5 جڏھن ھو سلميس ۾ پھتا، تڏھن يھودين جي عبادتخانن ۾ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪرڻ لڳا ۽ يوحنا عرف مرقس ھن ڪم ۾ سندن مدد ڪئي.
6 جڏھن ھو سارو ٻيٽ لتاڙي پافس ۾ پھتا تہ ھنن اتي نبي سڏائيندڙ ھڪڙو يھودي جادوگر ڏٺو، جنھن جو نالو بريسوع ھو.
7 ھو ٻيٽ جي گورنر سرگيس پولس، جيڪو ھڪڙو ذھين شخص ھو تنھن جو درٻاري ھو. انھيءَ گورنر برنباس ۽ شائول کي پاڻ وٽ گھرايو، ڇاڪاڻتہ ھن خدا جو ڪلام ٻڌڻ پئي چاھيو.
8 پر بريسوع عرف اليماس، جنھن جي يوناني ٻوليءَ ۾ معنيٰ آھي ’جادوگر،‘ تنھن گورنر وٽ سندن مخالفت ڪئي، تہ جيئن گورنر مسيح تي ايمان نہ آڻي.
9 پوءِ شائول، جنھن کي پولس ڪري بہ سڏيندا آھن، پاڪ روح سان ڀرجي جادوگر ڏانھن چتائي نھاريو