رسولن جا ڪم 13:32-38 SCLNT

32 خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو ھو تنھن جي خوشخبري اسان آندي آھي،

33 تہ ڪيئن خدا عيسيٰ کي جيئرو ڪري سندن اولاد يعني اسان جي لاءِ اھو واعدو پورو ڪيو، جيئن ٻئي زبور ۾ لکيل آھي تہ’تون منھنجو فرزند آھين۽ اڄ آءٌ تنھنجو پيءُ ٿيو آھيان.‘

34 باقي اھا ڳالھہ تہ خدا انھيءَ کي اھڙيءَ طرح مئلن مان وري جيئرو ڪيو جو ھو وري ٻيھر ڪڏھن بہ نہ مرندو، تنھن بابت لکيل آھي تہ’آءٌ تو کي دائود سان واعدي ڪيلپاڪ ۽ سچيون نعمتون ڏيندس.‘

35 وري ھڪڙي زبور ۾ خدا کي چيو ويو آھي تہ’تون پنھنجي پاڪ ٻانھي کيڳري سڙي وڃڻ ڪين ڏيندين.‘

36 خدا پنھنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس ھٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. ھن کي پنھنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ھن جو لاش ڳري سڙي ويو.

37 پر جنھن کي خدا مئلن مان وري جيئرو ڪيو، تنھن جي ڳرڻ سڙڻ جي تہ نوبت ئي ڪين آئي.

38 تنھنڪري اي ڀائرؤ! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ عيسيٰ جي طرفان اوھان اڳيان گناھن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو،