36 خدا پنھنجي مرضي دائود جي زماني ۾ ئي سندس ھٿان پوري ڪئي ۽ پوءِ دائود مري ويو. ھن کي پنھنجي ابن ڏاڏن سان گڏ دفن ڪيو ويو ۽ ھن جو لاش ڳري سڙي ويو.
37 پر جنھن کي خدا مئلن مان وري جيئرو ڪيو، تنھن جي ڳرڻ سڙڻ جي تہ نوبت ئي ڪين آئي.
38 تنھنڪري اي ڀائرؤ! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ عيسيٰ جي طرفان اوھان اڳيان گناھن جي بخشش جو اعلان ڪجي ٿو،
39 ۽ جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻي ٿو سو خدا ڏانھن سچار بڻجي ٿو، جيڪو موسيٰ جي شريعت جي وسيلي سچار بڻجي نہ سگھي ھا.
40 خبردار ٿجو تہ جيڪي نبين چيو آھي سو اوھان سان نہ ٿئي تہ
41 ’اوھين، جيڪي ڌڪاريو ٿا،سي ڏسي عجب ۾ پئجي وڃو۽ برباد ٿي وڃو،ڇالاءِجو آءٌ اوھان جي زماني ۾ھڪڙو اھڙو ڪم ڪندس،جو جيڪڏھن ڪو اوھان کي بيان ڪري ٻڌائيتہ اوھين مٿس ڪڏھن بہ ويساھہ نہ ڪندا.‘“
42 جڏھن برنباس ۽ پولس يھودي عبادتخاني مان ٻاھر نڪتا تہ ڪيترن ئي ماڻھن کين منٿون ڪيون تہ اھي وري ٻئي سبت جي ڏينھن تي اچي کين ڪجھہ وڌيڪ ٻڌائين.