رسولن جا ڪم 13:42-48 SCLNT

42 جڏھن برنباس ۽ پولس يھودي عبادت⁠خاني مان ٻاھر نڪتا تہ ڪيترن ئي ماڻھن کين منٿون ڪيون تہ اھي وري ٻئي سبت جي ڏينھن تي اچي کين ڪجھہ وڌيڪ ٻڌائين.

43 مجلس پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترائي يھودي ۽ سندن ديندار نوان مريد پولس ۽ برنباس جي پٺيان ھلڻ لڳا ۽ ھنن ساڻن ڳالھائي انھن کي تاڪيد ڪيو تہ ”خدا جي فضل تي قائم رھندا اچو.“

44 ٻئي سبت جي ڏينھن تي اٽڪل پورو شھر خداوند جو ڪلام ٻڌڻ لاءِ اچي گڏ ٿيو.

45 جڏھن يھودين ميڙ ڏٺا تہ حسد وٺي وين، سو ھو پولس جي تبليغ خلاف بدشد ڳالھائڻ لڳا ۽ ھن جي بي⁠عزتي ڪيائون.

46 پر پولس ۽ برنباس دليريءَ سان ڳالھائڻ لڳا ۽ چيائون تہ ”اھو ضروري ھو تہ خدا جو ڪلام پھريائين اوھان يھودين کي ٻڌايو وڃي. پر جيئن تہ اھو اوھان قبول نہ ڪيو ۽ پاڻ کي دائمي زندگيءَ جي لائق نہ ٿا سمجھو، تنھنڪري اسين اوھان کي ڇڏي غير قومن وٽ وڃون ٿا.

47 ڇالاءِ⁠جو ھي حڪم خداوند جو آھي جيڪو اسان کي مليو آھي تہ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آھي،تہ تون سڄي زمين جي ماڻھن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“

48 جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو.