47 ڇالاءِجو ھي حڪم خداوند جو آھي جيڪو اسان کي مليو آھي تہ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آھي،تہ تون سڄي زمين جي ماڻھن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“
48 جڏھن غير قومن اھا ڳالھہ ٻڌي، تڏھن ھو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي ڪلام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا ۽ جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تن سڀني ايمان آندو.
49 خداوند جو ڪلام انھيءَ علائقي ۾ ھنڌين ماڳين پکڙجي ويو.
50 پر يھودين شھر جي معزز ماڻھن ۽ عزت وارين خداترس عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس کي ڏاڍو ستايو ۽ کين پنھنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.
51 تڏھن رسولن پنھنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏي ۽ اِڪونيم شھر ڏانھن ھليا ويا.
52 تنھن ھوندي بہ انتاڪيا جا شاگرد خوشيءَ ۽ پاڪ روح سان ڀرجندا رھيا.