رسولن جا ڪم 14:17-23 SCLNT

17 تنھن ھوندي بہ ھن ھميشہ چڱا ڪم ڪري پنھنجي وجود جي شاھدي ڏني آھي. انھيءَ لاءِ ھن مينھن وسائي اوھان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آھن، ڪشادي روزي ڏني آھي ۽ اوھان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آھي.“

18 ايتري سمجھائڻ کان پوءِ بہ رسولن ماڻھن کي اھڙي قرباني پيش ڪرڻ کان وڏيءَ مشڪل سان روڪيو.

19 ايتري ۾ ڪي يھودي پسديا واري انتاخيا ۽ اِڪونيم کان اچي پھتا ۽ ماڻھن کي پنھنجي طرف ڦيري ويا. ھنن پولس کي پٿر ھڻايا ۽ کيس شھر مان گھلي ٻاھر ڦٽو ڪيائون، ڇالاءِ⁠جو سمجھيائون تہ ھو مري چڪو آھي.

20 پر جڏھن شاگرد چوڌاري مڙي آيس تہ ھو اٿي بيٺو ۽ شھر ڏانھن موٽي ويو. ٻئي ڏينھن تي پولس ۽ برنباس دربيءَ ڏانھن روانا ٿي ويا.

21 دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد بڻايائون. پوءِ ھو موٽي لسترا، اِڪونيم ۽ پسديا جي انتاخيا ۾ آيا.

22 انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“

23 ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.