20 پر جڏھن شاگرد چوڌاري مڙي آيس تہ ھو اٿي بيٺو ۽ شھر ڏانھن موٽي ويو. ٻئي ڏينھن تي پولس ۽ برنباس دربيءَ ڏانھن روانا ٿي ويا.
21 دربيءَ ۾ پولس ۽ برنباس خوشخبريءَ جي منادي ڪئي ۽ ڪيترائي شاگرد بڻايائون. پوءِ ھو موٽي لسترا، اِڪونيم ۽ پسديا جي انتاخيا ۾ آيا.
22 انھن شاگردن کي ھمتايو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ ھو ايمان تي قائم رھن. انھن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مصيبتن مان لنگھڻو پوندو.“
23 ھنن ھر ھڪ ڪليسيا لاءِ بزرگ مقرر ڪيا ۽ انھن بزرگن لاءِ روزا رکي دعا گھريائون ۽ کين خداوند جي حوالي ڪيائون، جنھن تي ھنن ايمان آندو ھو.
24 سڄي پسديا کان ٿيندا ھو پمفوليا ۾ آيا.
25 انھن پرگا ۾ ڪلام جي تبليغ ڪئي ۽ پوءِ اطاليا ڏانھن ويا.
26 اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي انتاخيا ڏانھن روانا ٿيا، جتي انھيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ کين خدا جو فضل عطا ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪم ھنن ھاڻي پورو ڪيو.