24 سڄي پسديا کان ٿيندا ھو پمفوليا ۾ آيا.
25 انھن پرگا ۾ ڪلام جي تبليغ ڪئي ۽ پوءِ اطاليا ڏانھن ويا.
26 اتان سامونڊي جھاز ۾ چڙھي انتاخيا ڏانھن روانا ٿيا، جتي انھيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ کين خدا جو فضل عطا ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪم ھنن ھاڻي پورو ڪيو.
27 اتي پھچي ھنن ڪليسيا جي ماڻھن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن ھنن خدا جي معرفت ڪم ڪيا ۽ ڪھڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو.
28 پوءِ ھو شاگردن وٽ گھڻي عرصي تائين ترسي پيا.