6 جڏھن رسولن کي اھا خبر پئجي ويئي تہ ھو لوڪئُنيا علائقي جي شھرن لسترا ۽ دربي ۽ انھن جي آسپاس وارن علائقن ڏانھن ڀڄي ويا.
7 اتي بہ اھي خوشخبري ٻڌائيندا رھيا.
8 لسترا ۾ ھڪ ماڻھو رھندو ھو جنھن جا پير سڪل ھئا. ھو ڄمندي ئي منڊو ھو ۽ ڪڏھن بہ پنڌ نہ ڪيو ھئائين.
9 جڏھن ھو پولس جون ڳالھيون ٻڌي رھيو تہ پولس ھن ڏانھن چتائي نھاريو ۽ ڄاتائين تہ کيس ايترو ايمان آھي جو ھو چڱو ڀلو ٿي سگھندو.
10 سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنھنجي پيرن تي سڌو ٿي بيھہ.“ ھو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو.
11 جڏھن ماڻھن پولس جو ھي ڪم ڏٺو تہ پنھنجي لوڪئُنيا ٻوليءَ ۾ وڏي واڪي چوڻ لڳا تہ ”انسانن جي صورت ۾ ديوتا اسان وٽ لھي آيا آھن.“
12 ھنن برنباس جي نالي چيو تہ ”ھيءُ زيوس ديوتا آھي“ ۽ پولس جي نالي چيو تہ ”ھيءُ ھرميس ديوتا آھي.“ ڇالاءِجو مکيہ ڳالھائڻ وارو پولس ھو.