رسولن جا ڪم 16:12-18 SCLNT

12 اتي جھاز مان لھي وري فلپيءَ ۾ آياسين جو مڪدونيا ۾ آھي ۽ انھيءَ علائقي جو مکيہ شھر آھي. اھو شھر رومي بيٺڪ بہ آھي. اسين اتي ڪي ڏينھن ترسي پياسين.

13 سبت جي ڏينھن اسين شھر جي دروازي کان ٻاھر نديءَ جي ڪناري تي وياسين، جتي اسان سمجھيو تہ عبادت ڪرڻ جي جاءِ ھوندي. اتي جيڪي عورتون اچي گڏ ٿيون ھيون تن سان ويھي گفتگو ڪرڻ لڳاسين.

14 انھن عورتن ۾ ٿواتيرہ شھر جي لديا نالي ھڪ خدا ترس عورت بہ ھئي، جيڪا واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو وڪڻندي ھئي. خدا ھن جي دل کولي ۽ ھن پولس جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌيون.

15 سو جڏھن انھيءَ عورت ۽ سندس گھر جي ڀاتين بپتسما ورتي، تڏھن اسان کي منٿون ڪري چوڻ لڳي تہ ”جيڪڏھن اوھين مون کي خدا جي سچي ايمان واري ڪري ٿا سمجھو تہ مھرباني ڪري منھنجي گھر ھلي رھو.“ سو ھوءَ زور ڀري اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويئي.

16 ھڪڙي ڏينھن جيئن اسين عبادت ڪرڻ واري جاءِ ڏانھن پئي وياسين تہ اسان ھڪڙي ٻانھي ڇوڪري ڏٺي جنھن ۾ غيب ڄاڻيندڙ ڀوت ھو، جنھن جي ڪري ھوءَ اڳڪٿيون ڪندي ھئي ۽ ماڻھن کي سندن قسمت ٻڌائي پنھنجي مالڪن کي ڪيترائي پيسا ڪمائي ڏيندي ھئي.

17 ھوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي واڪا ڪري چوڻ لڳي تہ ”ھي ماڻھو خدا تعاليٰ جا ٻانھا آھن، جيڪي اوھان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“

18 ڪيترن ئي ڏينھن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو ھن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ ھن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انھيءَ ئي مھل ڇوڪريءَ کي ڇڏي ھليو ويو.