رسولن جا ڪم 17:16-22 SCLNT

16 جڏھن پولس اٿينس ۾ سيلاس ۽ تيمٿيس جو انتظار ڪري رھيو ھو، تڏھن ھن کي اھو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو تہ سڄو شھر بتن سان ڀريو پيو آھي.

17 تنھنڪري ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ يھودين ۽ خداترس ماڻھن سان ۽ روزانو بازار ۾ جيڪي گڏبا ھئس، تن سان بحث پيو ڪندو ھو.

18 اتي ڪي اِپڪور ۽ ستوئيڪ فلسفي جا عالم بہ ساڻس مقابلو ڪرڻ لڳا. ڪن چيو تہ ”ھي واتوڙي ماڻھو ڇا ٿو چوي؟“ ٻين وري چيو تہ ”ھيءُ ڌارين ديوتائن جي خبر ڏيڻ وارو ٿو ڏسجي.“ ڇالاءِ⁠جو پولس عيسيٰ ۽ قيامت جي منادي ڪري رھيو ھو.

19 پوءِ ھو کيس اريوپگس نالي ھڪڙي جاءِ تي شھر جي ڪائونسل وٽ وٺي آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ٻڌاءِ تہ ھي ڪھڙي نئين تعليم آھي جيڪا تون ڏيئي رھيو آھين؟

20 ڇاڪاڻ⁠تہ تون ڪي اھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين جي اسان کي عجيب ٿيون لڳن، سو اسان جي مرضي آھي تہ ٻڌون تہ انھن جو مطلب ڇا آھي.“

21 انھن ڏينھن ۾ اٿينس جا سڀ ديسي توڙي پرديسي جيڪي اتي رھندا ھئا، سي پنھنجو سارو وقت نيون نيون ڳالھيون ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ گذاريندا ھئا.

22 تڏھن پولس ڪائونسل جي اڳيان اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو تہ ”اي اٿينس جا رھاڪو! آءٌ ڏسان ٿو تہ اوھين سڀني ڳالھين ۾ مذھبي دلچسپي ٿا رکو،