رسولن جا ڪم 17:24-30 SCLNT

24 جنھن خدا سارو جھان ۽ جيڪي شيون منجھس آھن، سي سڀيئي پيدا ڪيون آھن، سو آسمان ۽ زمين جو مالڪ ھوندي ھٿن جي ٺھيل مندرن ۾ نہ ٿو رھي.

25 ھو ڪنھن بہ شيءِ جو محتاج نہ آھي ۽ نڪي ھو ڪنھن کان خدمت ڪرائڻ گھري ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن پاڻ ئي تہ سڀني کي حياتي، ساھہ ۽ ٻيو سڀ ڪجھہ ڏنو آھي.

26 ھن ھڪڙي انسان مان سڀ قومون پيدا ڪيون آھن، تہ جيئن اھي سڄيءَ دنيا ۾ آباد ٿين. ھن انھن لاءِ اڳ ۾ ئي خاص وقت ۽ رھڻ لاءِ حدون مقرر ڪيون آھن،

27 انھيءَ لاءِ تہ ھو اميد رکي خدا جي ڳولا ڪن ۽ من ھن ڏانھن ڦري کيس ڳولي لھن. ڇالاءِ⁠جو ھو اسان مان ڪنھن کان بہ پري نہ آھي

28 ۽ اسين منجھس ئي جيئون ۽ ھلون چلون ٿا ۽ اسان جي ھستي بہ انھيءَ جي ڪري آھي. جيئن تہ اوھان جي ڪن شاعرن بہ ائين چيو آھي تہ ’اسين بہ خدا جو اولاد آھيون.‘

29 جيئن تہ اسين خدا جو اولاد آھيون، تنھنڪري اسان کي ائين نہ سمجھڻ گھرجي تہ ھن جي ذات ڪنھن سون، چانديءَ يا پٿر جي بت وانگر آھي، جيڪو انساني ھنر ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاھيو ويو ھجي.

30 سو جن وقتن ۾ ماڻھو بي⁠خبر ھئا، تن وقتن ۾ خدا بہ چشم⁠پوشي ڪئي. پر ھن زماني ۾ خدا سڀني ماڻھن کي حڪم ٿو ڏئي تہ ھو جتي بہ ھجن اتي توبھہ ڪن.