رسولن جا ڪم 17:3-9 SCLNT

3 ۽ دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو ھئن تہ ”اھو ضروري ھو تہ مسيح ڏک سھي ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿي.“ ھن چيو تہ ”ھي عيسيٰ جنھن جي آءٌ اوھان کي خبر ٿو ڏيان سو ئي مسيح آھي.“

4 انھن يھودين مان ڪن مڃيو ۽ پولس ۽ سيلاس سان شامل ٿي ويا. خدا پرست يونانين جو ھڪ وڏو تعداد ۽ ڪيتريون ئي مکيہ عورتون بہ اچي ساڻن شامل ٿيون.

5 پر گھڻن يھودين کي حسد ٿيو، سو انھن ڪي بازاري لوفر وٺي ھڪ ٽولو ٺاھيو، جن سڄو شھر مٿي تي کنيو. انھن ياسون جي گھر تي حملو ڪيو تہ جيئن اتان پولس ۽ سيلاس کي ٻاھر ڪڍي خلق جي اڳيان وٺي اچن.

6 جڏھن اھي اتي نہ ملين تڏھن ياسون ۽ ڪن ٻين ڀائرن کي گھلي شھر جي ڪن عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻھن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آھي سي ھتي بہ آيا آھن.

7 ياسون انھن کي پاڻ وٽ رھايو آھي. اھي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلاف⁠ورزي ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ بادشاھہ ڪو ٻيو آھي، جنھن جو نالو عيسيٰ آھي.“

8 جڏھن ماڻھن ۽ شھر جي عملدارن اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ ڏاڍا پريشان ٿيا.

9 پوءِ عملدارن ياسون ۽ انھن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو.