6 جڏھن اھي اتي نہ ملين تڏھن ياسون ۽ ڪن ٻين ڀائرن کي گھلي شھر جي ڪن عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻھن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آھي سي ھتي بہ آيا آھن.
7 ياسون انھن کي پاڻ وٽ رھايو آھي. اھي سڀ قيصر جي حڪمن جي خلافورزي ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ بادشاھہ ڪو ٻيو آھي، جنھن جو نالو عيسيٰ آھي.“
8 جڏھن ماڻھن ۽ شھر جي عملدارن اھي ڳالھيون ٻڌيون تہ ڏاڍا پريشان ٿيا.
9 پوءِ عملدارن ياسون ۽ انھن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو.
10 پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادتخاني ۾ ويا.
11 اھي يھودي ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کان وڌيڪ ڪشادي ذھن وارا ھئا، ڇالاءِجو ھنن وڏي شوق سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو ۽ روزانو پاڪ ڪتاب پڙھي ڏسندا ھئا تہ ائين برابر آھي يا نہ، جيئن پولس چئي رھيو آھي.
12 تنھنڪري انھن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترين مکيہ عورتن توڙي مردن ايمان آندو.