رسولن جا ڪم 17:9-15 SCLNT

9 پوءِ عملدارن ياسون ۽ انھن ٻين کان ضامن وٺي کين ڇڏي ڏنو.

10 پر ڀائرن پولس ۽ سيلاس کي راتوواھہ بيريا ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو ۽ جڏھن ھو اتي پھتا تہ يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويا.

11 اھي يھودي ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کان وڌيڪ ڪشادي ذھن وارا ھئا، ڇالاءِ⁠جو ھنن وڏي شوق سان خدا جو ڪلام قبول ڪيو ۽ روزانو پاڪ ڪتاب پڙھي ڏسندا ھئا تہ ائين برابر آھي يا نہ، جيئن پولس چئي رھيو آھي.

12 تنھنڪري انھن مان ڪيترن ئي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترين مکيہ عورتن توڙي مردن ايمان آندو.

13 پر جڏھن ٿسلونيڪيءَ جي يھودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريا ۾ بہ خدا جي ڪلام جي تبليغ ڪري رھيو آھي، تڏھن ھنن اتي بہ وڃي ماڻھن کي ڀريو ۽ منجھن گوڙ مچايائون.

14 جلد ئي ڀائرن پولس کي سمنڊ جي ڪناري ڏانھن روانو ڪري ڇڏيو. پر سيلاس ۽ تيمٿيس ٻئي بيريا ۾ رھي پيا.

15 جيڪي ماڻھو پولس سان گڏجي ويا ھئا، سي ساڻس اٿينس تائين ھليا. پوءِ ھو بيريا ڏانھن پولس جي ھن ھدايت سان موٽيا تہ جيترو جلد ٿي سگھي سيلاس ۽ تيمٿيس، پولس سان ملن.