1 انھن ڳالھين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس ۾ اچي پھتو.
2 اتي ھن کي اڪولا نالي ھڪڙو يھودي مليو، جيڪو پنطس جو رھاڪو ھو. ھو اِٽليءَ مان تازو پنھنجي زال پرسڪلا سان گڏ آيو ھو، ڇالاءِجو شھنشاھہ ڪلوديس حڪم ڏنو ھو تہ سڀ يھودي روم شھر مان نڪري وڃن. سو پولس انھن وٽ آيو،
3 ۽ جيئن تہ ٻنھي جو تنبن ٺاھڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو ھو، تنھنڪري پولس انھن سان گڏ رھيو ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.
4 ھو ھر ڪنھن سبت جي ڏينھن تي يھودي عبادتخاني ۾ ويندو ھو ۽ بحث ڪري يھودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھو.