15 پر جڏھن تہ ھي اھڙا سوال آھن جن جو واسطو لفظن، نالن ۽ خاص اوھان جي شريعت سان آھي تہ پوءِ توھين ڄاڻو، توھان جو ڪم ڄاڻي. آءٌ اھڙين ڳالھين جو فيصلو ڪرڻ نہ ٿو چاھيان.“
16 سو ھن کين ڪورٽ مان ڌڪاري ڪڍي ڇڏيو.
17 پوءِ انھن سڀني گڏجي عبادتگاھہ جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس ڪورٽ جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گليوءَ کي انھن ڳالھين جي ڪابہ پرواھہ ڪانہ ھئي.
18 پولس ڪرنٿس ۾ ڪيترا ئي ڏينھن رھيو. پوءِ ڀائرن کان موڪلائي سامونڊي جھاز ۾ چڙھي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام ڏانھن روانو ٿيو. سفر کان اڳ ۾ ڪنخريا ۾ ھن پنھنجو مٿو ڪوڙائي ھڪ باس باسي.
19 جڏھن اھي اِفسس ۾ پھتا تہ پولس پرسڪلا ۽ اڪولا کان موڪلايو. پوئي پاڻ يھودي عبادتخاني ۾ ويو جتي يھودين سان بحث ڪرڻ لڳو.
20 انھن کيس اڃا بہ ڪجھہ وقت تائين رھڻ لاءِ عرض ڪيو، پر ھن قبول نہ ڪيو.
21 ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو.