رسولن جا ڪم 18:2-8 SCLNT

2 اتي ھن کي اڪولا نالي ھڪڙو يھودي مليو، جيڪو پنطس جو رھاڪو ھو. ھو اِٽليءَ مان تازو پنھنجي زال پرسڪلا سان گڏ آيو ھو، ڇالاءِ⁠جو شھنشاھہ ڪلوديس حڪم ڏنو ھو تہ سڀ يھودي روم شھر مان نڪري وڃن. سو پولس انھن وٽ آيو،

3 ۽ جيئن تہ ٻنھي جو تنبن ٺاھڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو ھو، تنھنڪري پولس انھن سان گڏ رھيو ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.

4 ھو ھر ڪنھن سبت جي ڏينھن تي يھودي عبادت⁠خاني ۾ ويندو ھو ۽ بحث ڪري يھودين ۽ يونانين کي مڃائڻ جي ڪوشش پيو ڪندو ھو.

5 جڏھن سيلاس ۽ تيمٿيس مڪدونيا مان اچي پھتا تہ پولس ڪلام جي تبليغ ۾ ڏاڍو مشغول ھو. ھن يھودين کي انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي پئي چيو تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي.

6 جڏھن ھو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گاريون ڏيڻ لڳا تہ ھن پنھنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”جيڪڏھن اوھين تباھہ ٿيا تہ پنھنجا ذميوار اوھين پاڻ آھيو، منھنجو ڪوبہ واسطو نہ آھي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانھن ويندس.“

7 پوءِ ھو اتان روانو ٿي ھڪڙي شخص طيطس يوستس جي گھر اچي ٽڪيو، جيڪو خداترس ھو ۽ جنھن جو گھر يھودي عبادت⁠خاني جي ڀرسان ھو.

8 عبادت⁠خاني جي اڳواڻ ڪرسپس ۽ سندس سڄي ڪٽنب خداوند تي ايمان آندو ۽ ٻين بہ ڪيترن ئي ڪرنٿين پولس جي ڳالھہ ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.