رسولن جا ڪم 18:20-26 SCLNT

20 انھن کيس اڃا بہ ڪجھہ وقت تائين رھڻ لاءِ عرض ڪيو، پر ھن قبول نہ ڪيو.

21 ھن موڪلائڻ وقت کين چيو تہ ”خدا گھريو تہ آءٌ ضرور موٽي ايندس.“ ائين چئي ھو اِفسس مان روانو ٿي ويو.

22 جڏھن ھو قيصريہ ۾ پھتو تہ ھن يروشلم ڏانھن وڃي ڪليسيا کي سلام ڪيو ۽ پوءِ انتاخيا ڏانھن ھليو ويو.

23 ڪجھہ وقت اتي رھڻ کان پوءِ ھو اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو سڀني شاگردن کي ھمتائيندو ويو.

24 انھن ڏينھن ۾ اپلوس نالي ھڪڙو يھودي جيڪو اسڪندريہ جو رھاڪو ھو سو اِفسس ۾ آيو. ھو ھڪ سٺو تقرير ڪندڙ ھو ۽ کيس پاڪ ڪتابن جي گھڻي ڄاڻ ھئي.

25 ھن کي خداوند جي طريقي واري تعليم ڏني ويئي ھئي. سو ھو عيسيٰ جون ڳالھيون وڏي جوش ۽ جذبي سان صحيح نموني ۾ ٻڌائيندو ۽ سيکاريندو ھو، جڏھن تہ بپتسما بابت ھن کي رڳو يحيٰ واري بپتسما جي ڄاڻ ھئي.

26 ھو يھودي عبادت⁠خاني ۾ بي⁠ڊپو ٿي ڳالھائڻ لڳو. جڏھن پرسڪلا ۽ اڪولا ھن جو ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن ھن کي پاڻ وٽ وٺي آيا ۽ کيس خدا جي طريقي جي چڱيءَ طرح ڄاڻ ڏنائون.